نجم سيٺي پي سي بي جو نئون چيئرمين مقرر، وزيراعظم منظوري ڏئي ڇڏي

0
261

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف نجم سيٺي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

ذريعن موجب نجم سيٺي جي پي سي بي چيئرمين طور مقرري جو باضابطا نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو

ذريعن جو چوڻ آهي ته 4 نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويندا، 2019ع جي ڪرڪيٽ بورڊ جو آئين ختم ڪيو ويندو، 2019ع ۾ وزيراعظم جا ٻه نامزد ڪيل نالا به ختم ڪيا ويندا، ٽيون نوٽيفڪيشن 2014ع جو آئين بحال ڪندو ۽ چوٿون نوٽيفڪيشن 2019ع جي آئين جي بحالي جو اعلان ڪندو

نجم سيٺي رميز راجا جي جاءِ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين هوندو

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نجم سيٺي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ شهباز شريف نجم سيٺي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو

هي به پڙهندا

رياست ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا تنظيم آڏو نه جُهڪندي:وزيراعظم