رياست ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا تنظيم آڏو نه جُهڪندي:وزيراعظم

0
211
شهيد بينظير ڀٽو جمهوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته رياست ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا تنظيم آڏو نه جُهڪندي

وزيراعظم شهباز شريف واضح پيغام ڏيندي چيو آهي ته رياست ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا تنظيم آڏو نه جُهڪندي، پاڪستان ۾ افراتفري پکڙيندڙن جي ناپاڪ ڪوششن کي چٿي ڇڏينداسين

وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو آهي ته دهشتگردي قومي سلامتي جو حساس معاملو آهي، حڪمت عملي لاءِ سڀني کي گڏجي سوچڻو پوندو، دهشتگردن سان آئين ۽ قانون موجب منهن ڏنو ويندو، حڪومت دهشتگردن جي پرڏيهي سهولتڪارن ۽ سندن ٺڪاڻن کي تباهه ڪري ڇڏيندي

وزيراعظم شهباز شريف موجب پاڪستاني عوام پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ مان دهشتگرديءَ جو خاتمو آڻي رهنداسين

هي به پڙهندا

بنون ۾ آپريشن مڪمل، سمورا دهشتگرد مارجي ويا