بنون ۾ آپريشن مڪمل، سمورا دهشتگرد مارجي ويا

0
254
بنون ۾ سي ٽي ڊي ڪمپائونڊ

بنون ۾ سي ٽي ڊي ڪمپائونڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن مڪمل ڪري سمورا دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

خيبرپختونخواهه صوبي جي ضلعي بنون ۾ سي ٽي ڊي ڪمپائونڊ ۾ مبينا طور سيڪيورٽي اهلڪارن کي يرغمال بڻائڻ، ڳالهين جي ناڪامي کانپوءِ  ڌماڪي ۽ فائرنگ جا آواز ٻڌا ويا هئا

سي ٽي ڊي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته آپريشن دوران سمورا 6 دهشتگرد مارجي ويا آهن

ان کان اڳ خيبرپختونخواهه حڪومت جي ترجمان بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ هو ته بنون ڪنٽونمينٽ ۾ شدت پسندن سان ڳالهيون جاري آهن ۽ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته جوابدار هٿيار ڦٽا ڪن ۽ پاڻ کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي حوالي ڪن

بنوں، ٹی ٹی پی، سی ٹی ڈی

دهشتگردن سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد سيڪيورٽي فورسز طرفان آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز جا 3 اهلڪار به زخمي ٿي پيا

 سي ٽي ڊي ڪمپائونڊ اندر موجود يرغمال ماڻهن سمورن ماڻهن کي آزاد پڻ ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي  آهي

دهشتگردن آچر ڏينهن سي ٽي ڊي ڪمپائونڊ تي حملو ڪري اهلڪارن کي يرغمال بڻايو هو، جنهن بعد سيڪيورٽي فورسز آپريشن شروع ڪيو هو