ڪهڙي بنياد تي شاگردن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا: سنڌ هاءِ ڪورٽ

0
255

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ واري مامري جي ٻڌڻي ٿي

سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي 2هفتن دوران جاچ مڪمل ڪري تفصيلي رپورٽ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪهڙي بنياد تي شاگردن واري ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لڳايا، ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لڳائڻ تي اوهان خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويندو

شاگردن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته امر آڪاش لاکو، زوهيب لاکو، ارسلان آريسر سميت ڪنهن به شاگرد توڙي شاگردياڻي بغاوت نه ڪئي هئي

عدالت ريمارڪس ڏنا ته اهڙن ڪيسن ۾ گهرو کاتي کان اجازت لازمي هوندي آهي، اوهان  ڪنهن کان اجازت ورتي

جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو  جاچ آفيسر سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا ڪيس داخل ڪرڻ بعد اجازت وٺندئو، لڳي ٿو اوهان کي جيل موڪلڻو پوندو

هي به پڙهندا

جيڪڏهن ڪم نٿا ڪري سگهو ته استيعفيٰ ڏئي گهر هليا وڃو:سنڌ هاءِ ڪورٽ