مهاڻن جا ڀلا ڀاڳ: قيمتي مڇي سوها هٿ، 50 ڪروڙ ۾ نيلام

0
883
مهاڻن جا ڀلا ڀاڳ: قيمتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪيٽي بندر ويجهو مهاڻن کي هٿ آيل قيمتي مڇيءَ 50 ڪروڙ رپين ۾ نيلام ڪئي وئي آهي

ڪيٽي بندر جي مهاڻن جي قسمت کلي وئي، ڪروڙين روپين جي قيمتي مڇي هٿ ڪرڻ بعد خوشي ۾ جهموريون هڻندا رهيا

لانچ جي مالڪ جمن لاشاري موجب 3 لانچون اونهي سمنڊ ۾ شڪار لاءِ ويون ۽ پاڪستان-ڀارت سرحد ويجهو ڪريڪ وٽان لانچ ۾ 191 سوها مڇيون هٿ آيون، فشريز ۾ قيمتي سوها مڇيءَ جي نيلامي ٿي وئي

گذريل ڏينهن ڪيٽي بندر ويجهو گهِري سمنڊ ۾ واڙي ڪريڪ وٽان ٽن هوڙن ۾ سوار مقامي مهاڻن کي مڇي جي اعليٰ قسم سوها جا 591 داڻا هٿ آيا هئا

 ٽنهي هوڙن ۾ ماريل مڇي کي ابراهيم حيدري جي مڇي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو ويو

ٻڌايو وڃي ٿو ته هٿ آيل قيمتي مڇي سرجري جي مختلف ائٽمن ۾ پڻ استعمال ٿيندي آهي،  في داڻي جي 25 کان 40 لک رپين جي قيمت لڳائي ويندي آهي