دهشتگرد ڪي پي ۾ منظم ٿي رهيا آهن؟

0
201
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڪي پي ۾ امن امان جون حالتون ڪيتري وقت کان وٺي خراب نظر اچي رهيون آهن ۽ دهشتگردن جي منظم ٿيڻ جون خبرون ملي رهيون آهن.صوبائي حڪومت  صوبي ۾ امن امان تي ڌيان ڏيڻ بدران پنهجون سڀئي توانايون وفاقي حڪومت سان سياسي جهيڙي تي خرچ ڪري رهي آهي، ڪڏهن لانگ مارچ لاءِ صوبائي حڪومت انتظام ڪرڻ ۾ پوري آهي ته ڪڏهن اسيمبليون ٽوڙڻ لاءِ سياسي مشاورت ۾ مشغول نظر اچي ٿي.ڪڏهن سياسي جلسن لاءِ سرڪاري وسيلا استعمال ڪيا وڃن ٿا ته ڪڏهن سياسي مخالفت سبب وفاق ۽ صوبي کي آمهون سامهون بيهاريو وڃي ٿو جنهن ڪري انهي صورتحال جو فائدو ملڪ دشمن ۽ دهشتگرد وٺي صوبي ۽ ملڪ ۾ حالتون خراب ڪري رهيا آهن ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.ايئن لڳي رهيو آهي جو ڪجهه وقت اڳ تائين جن دهشتگردن کي شڪست ڏئي پوئتي ڌڪيو ويو هو يا انهن جي قوت ڪمزور ڪئي وئي هئي اهي وري سيٽلڊ ايرياز يعني شهرن تائين پهچي ويا آهن ۽ پنهنجي دهشتگردي وارن نيٽ ورڪ کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي.سياسي عدم استحڪام رڳو معاشي حالتون خراب ڪرڻ جو سبب نه ٿو بڻجي پر امن امان جون حالتون پيدا ڪرڻ ۾ به ان جو وڏو هٿ هجي ٿو.

ڪجهه وقت اڳ تائين اهي ڳالهيون ٿينديون رهيون يا سياسي مخالف اهي الزام  لڳائيندا رهيا ته ڪي پي ۾ امن امان جون حالتون خراب ٿي رهيون آهن پر صوبائي حڪومت انهي پاسي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ايستائين جو اهو به چيو ويو ته وڏي وزير سميت ڪيترن وزيرن ۽ ڪامورن کي ڀتي لاءِ ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ ڪجهه وزير ۽ ڪامورا ته باقاعده انهن دهشتگرن کي ڀتو به پهچائي رهيا آهن پر حڪومت انهن الزامن جي ترديد ڪندي رهي.ايستائين جو اڳوڻي وفاقي حڪومت ۾ انهن ئي دهشتگردن سان ڳالهيون ٿينديون رهيون ايستائين جو انهن کي پشاور ۾ آفيس کولي ڏيڻ جون آڇون به ٿينديون رهيون. ڪجهه ڏينهن اندر هڪٻئي پٺيان ٿيل دهشتگردي جي واقعن انهن سڀني ڳالهين جي ڄڻ ته تصديق ڪري ڇڏي آهي ته ڪي پي ۾ حالتون قابو کان ٻاهر ٿي رهيون آهن ۽ دهشتگرد پنهنجا ديرا ڄمائي رهيا آهن.ٻه ڏينهن اڳ لڪي مروت جي برگئي ٿاڻي تي دهشتگردن حملو ڪري  4  پوليس اهلڪارن کي  شهيد ۽ 4 کي  زخمي ڪري وڌو. پوليس موجب دهشتگردن ٿاڻي جي ٻنهي پاسن کان دستي بمن ۽ راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪيو ٻئي طرف خيبر جي باڙا علاقه نالا ٿاڻي ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي دستي بم حملي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو آهي. ايف سي ذريعن موجب زخمي اهلڪار کي ويجهي اسپتال نيو ويو جڏهن ته جوابي ڪارروائي کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿي ويا. جڏهن ته ٻئي ڏينهن تي وري دهشتگرن سي ٽي ڊي بنون جي آفيس تي حملو ڪري ڪيترن آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ٻن ڏينهن کان يرغمال بڻائي ورتو آهي، دهشگردن جو مطالبو آهي ته کين حفاظت سان افغانستان تائين پهچايو وڃي جنهن کان پوءِ ئي يرغمالين کي ڇڏيو ويندو .ڪي پي جي پوليس جي حوالي سان اها ڳالهه مشهور آهي ته اها ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ انتهائي پروفيشنل انداز ۾ ڪم ڪندي رهي آهي انهن کي دهشتگردن سان ويڙهه جو وڏو تجربو آهي پر ڪجهه وقت کان وٺي انهن کي سياسي معاملن ۾ استعمال ڪرڻ سبب انهن جي انهي پروفيشنلزم انداز کي ڌڪ لڳو آهي يا وري انهن کي اهي سهولتون نه ٿيون ڏنيون وڃن جيڪي دهشتگردن خلاف ويڙهه ۾ فرنٽ لائين فورس طور وڙهندڙن کي ملڻ گهرجن جنهن ڪري به دهشتگرد آساني سان ڪارروايون ڪري رهيا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان ۽ خاص ڪري ڪي پي صوبو دهشتگردن جي نشاني تي رهيا آهن.اها صوبائي توڙي وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته انهي صوبي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ هر وقت چوڪس رهن.موجوده واقعا ٻڌائي رهيا اهن ته دهشتگرد ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جو فائدو وٺي پنهنجي ڪاررواين کي تيز ڪري رهيا آهن جنهن سان ملڪ جون معاشي حالتون به وڌيڪ خراب ٿينديون تنهن ڪري صوبائي ۽ وفاقي حڪومت پنهنجا سياسي اختلاف پاسي تي رکي انهي دهشتگردي جي لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ  گڏجي حڪمت عملي جوڙين.