آمريڪا ۽ چين ۾ ٽڪراءُ جا سبب ڪهڙا آهن؟

0
320

  جيڪڏهن منهنجو وس پڄي ته آئون سج، چنڊ ۽ تارن تي ڪالونيون ٺاهيان. اهي لفظ برطانوي سرمائيدار ۽ سياست دان سيِسل روڊس جا هئا جنهن ڏکڻ آفريڪا جي علائقي ڪيپ تي قبضو ڪري اتي پنهنجي ڪالوني ٺاهي هئي،ڪيپ کي چونڊڻ ۽ اتي قبضي ڪرڻ جوسڀ کان اهم مقصد  ان جي لوڪيشن هئي جتان هو ايشيا ۽ آفريڪا جي خام مال ۽ تجارت تي ڪنٽرول ڪري سگهيو ٿي.پر ان ذهنيت ۾ سيسل اڪيلو نه هو. توسيع  ۽ تسلط سرمائيداراڻي  نظرئي جو بنياد آهي جيڪو انهن کي سستو  خام مال ۽ مزدور مهيا ڪري ترقي ڪرائيندو آهي اڄڪلهه جا سرمائيدار وڌيڪ نفيس ٿي ويا آهن ۽ هو پنهنجي توسيع  ۽ تسلط جي پاليسي کي خوبصورت بخمل ۾ ويڙهي  پيش ڪن ٿا جيئن لبرل ازم، قوم پرستي، سول سوسائٽي، جمهوريت، انساني حق وغيره وغيره

                 بين الاقوامي سياست ظالم آهي. اها غير مستحڪم ۽  جنگل جي قانون جيان آهي ڇو جو رياست کان مٿي ڪوبه ادارو ڪونهي جيڪو ان جي زيادتين جو جواب ڏي. جيڪڏهن ڪا رياست تمام طاقتور ٿي ويندي آهي ته پوءِ هن کي روڪڻ ناممڪن آهي ۽ هو جيڪا به خارجه پاليسي ٺاهڻ چاهيندي ان ۾ ڪوبه رڪاوٽ بڻجي نه سگهندو. ان پس منظر ۾ آمريڪا پنهنجو منرو ڊاڪٽرائين  پيش ڪيو هو جيڪو آمريڪي خارجه پاليسي جو هڪ اهم ستون آهي. پنهنجي آزادي جي فقط ڏهن سالن کان پوءِ ان وقت جي آمريڪي صدر جيمس منرو 1823ع ۾ ان پاليسي جو اعلان ڪيو هو.  جنهن موجب آمريڪا پنهنجي خطي ۾ ڪنهن به ٻي طاقت کي برداشت نه ڪندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهڙي ڪوشش ڪئي ته ان کي طبلِ جنگ سمجهيو ويندو. ان وقت آمريڪي کنڊ ۾ فرانس ۽ اسپين جون ڪالونيون  هيون جيڪي ان  پاليسي تحت خالي ڪرايون ويون هيون ۽  انهن ملڪن ۾ آمريڪا پنهنجي پسند جون حڪومتون جوڙيون هيون. ان ڪامياب تجربي کان پوءِ آمريڪا ان نظرئي کي خطي مان وڌائي پوري عالم ۾ نافذ ڪرڻ جي جدوجهد ڪندو رهيو آهي.

ٻي عالمي جنگ ۾ سپر پاور طور اڀرڻ کان پوءِ هُن برِ صغير سميت باقي ايشيا، مڊل ايسٽ ۽ آفريڪا ۾ فرانس ۽ برطانيه کان ڪالونيون خالي ڪرائي انهن ملڪن کي به پنهنجي دائري ۾ آندو هو.  صدي جي آخر ۾ ڪميونزم کي شڪستِ فاش ڏئي هُن مشرقي يورپ ۽ روس ۾ پنهنجو نظام رائج ڪري اڪيلي سپر پاور جو تاج پنهنجي سر تي سجايو هو..فرانس جي سابق وزيرِ خارجه ويڊرائين جي لفظن ۾“آمريڪا هاڻي سپر پاور مان هائيپر پاور بڻجي ويو آهي”

اهڙي ڀيانڪ  تاريخ  ۾آمريڪا  چين جي ترقي کي پنهنجي لاءِ خطري جي گهنٽي سمجهي رهيو آهي ۽ چين کي روڪڻ لاءِ هُن پنهنجو نئون ڪلب  کوليو آهي جنهن جو نالو  “رول بيسڊ ورلڊ  آرڊر” رکيو ويو آهي. نالوتمام خوبصورت آهي  پر ان جا ڪرتوت  اهي ئي آهن جيڪي ماضي جي سيٽو، سينٽو، نيٽو  جا هئا جنهن جو روح منرو ڊاڪٽرائين۾ آهي. نئين ڪلب ۾ پاڪستان ۽ انڊيا کي شامل ٿيڻ جي نينڍ موڪلي وئي آهي ۽ انهن جي جواب جو انتظار آهي.

چين کي پورو احساس آهي ته جڏهن هو ڪمزور هو ته ڪيئن نه جپان ۽ برطانيه هُن تي قبضو ڪري هزارين بي گناهه ماڻهن جو قتلِ عام ڪيو هو ۽ هن جي علائقن،جن ۾ تائيوان ۽ ڪوريا،شامل آهن کي چين کان ٽوڙي جدا ڪيو هو . چيني ان دور کي ذلت جي صدي جو نالو ڏين ٿا. هو  پنهنجي فوجي صلاحيت ۽  طاقت کي وڌائي رهيا آهن ۽ ان ذلت جو بدلو وٺڻ لاءِ آتا آهن. جيئن جيئن چين جي معيشت مضبوط ٿي رهي آهي هو ان مناسبت سان پنهنجي فوجي طاقت کي جديد ۽ مضبوط ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي وڃايل علائقن کي واپس وٺڻ لاءِ آتو آهي.جنهن کي چين پنهنجي وقار ۽ قومي غيرت جو مسئلو سمجهي ٿو ۽ واضح ڪري چڪو آهي ته ڪجهه به ٿئي هو تائيوان کي واپس پنهنجي ڌرتي ماءُ ۾ضرورشامل ڪندو. ان  منزل کي ماڻڻ لاءِ چين پنهنجي نظرئي ۾ تبديلي آندي آهي ۽ هاڻي هو قوم پرستي جو نعرو هڻي عوام کي ان جنگ لاءِ تيار ڪري رهيو آهي. چيني رياست کي اندازو آهي ته اها خطرناڪ راند آهي جنهن ۾ لکين  ماڻهن جي قرباني جي ضرورت پئجي سگهي ٿي جيڪا ڪنهن نظرئي کانسواءِ ممڪن نه آهي. قومپرستي جي نظرئي ۾ اهڙي جان آهي جو ماڻهو قومي غيرت ۽ وقار جي لاءِ پنهنجي جانين جو نظرانو پيش ڪن.

تائيوان کي واپس وٺڻ شينهن جي وات مان گوشت جو ٽڪرو ڦرڻ آهي جنهن لاءِ چين کي اتحادين جي ضرورت آهي ۽ هو پنهنجو   بلاڪ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. شي جن پنگ جو ڪجهه ڏينهن پهرين سعودي عرب جو دورو ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. چين جي خارجه پاليسي ۾ مڊل ايسٽ ۽ آفريڪا کي وڏي اهميت آهي.

 هو ان خطي ۾ پنهنجي لاءِ ڪافي نوان  موقعا ڏسي رهيو آهي.هڪ سروي موجب 77 سيڪڙو آفريڪي نوجوان آمريڪا جي مقابلي ۾ چين کي پنهنجو  بهتر ساٿي سمجهن ٿا. آمريڪا جنهن بيدردي سان آفريڪا جو استعال ڪيو آهي اتي بک ۽ بيروزگاري کي پروان  چڙهايو آهي ان چين کيِ اتي پنهنجو اثر وڌائڻ آسان بڻايو آهي. ڪيناڊا جي سابق وزير اعظم جان ڪريچين هڪ انٽريو ۾ چيو هو ته ڪيناڊا سميت مغربي ملڪن جون پاليسيون آفريڪا ۾ بک جو سبب بڻجي رهيون آهن. آفريڪي نوجوان ان ڳالهه کي خوب سمجهي ٿو ۽ هو  هاڻي نئين ڊيل چاهي ٿو.  چين جي ميدان ۾ اچڻ ۽ آمريڪا سان ٽڪرائجڻ  آفريڪا لاءِ نوان موقعا فراهم ڪيا آهن.چين کي ٻي برتري آفريڪا ۾ مطلق العنان حڪمران جو هجڻ  آهي جيڪي موجوده آمريڪي لبرل ازم، جمهوريت ۽ سوسائٽي جي مطالبي کي پنهنجي نظام لاءِ خطرو سمجهن ٿا.

ٻئي پاسي آمريڪا آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ تائيوان  چين کي واپس موٽائڻ لاءِ تيار ڪونهي. هن کي خبر آهي ته تائيوان  چين جي سڀ کان  وڏي ڪمزوري آهي.  تائيوان چين جي مکيه شهرن جي بلڪل سامهون چند سئو ڪلوميٽرن تي آهي جتي آمريڪا جو پورو ڪنٽرول آهي.  تائيوان سون جي کاڻ آهي جتي پوري دنيا  ۾ سڀ کان وڌيڪ جديد ٽيڪنالاجي آهي. سڄي  دنيا جون ستر سيڪڙو مائيڪروچپ تائيوان ۾ ٺهن ٿيون ۽ انهن جو  چين کي ملڻ نه صرف آمريڪا جي دفاعي ۽ ٻي انڊسٽري لاءِ  هاڃيڪار آهي پر ان سان چين  جي طاقت ۾ وڏو اضافو ٿيندو. ان ڪاميابي کان پوءِ ٻيا پاڙيسري ملڪ پڻ پنهنجي تحفظ لاءِ آمريڪا جي بجاءِ چين ڏانهن ڏسندا ۽ پورو خطو آمريڪا بهادر جي هٿن مان نڪرڻ جو امڪان آهي. هڪ ڀيرو رڳو تائيوان چين ۾ شامل ٿئي پوءِ دنيا کي چين جو اصل رنگ نظر ايندو. هو به اهو ئي ڪندو جيڪو اڄ تائين آمريڪا ٻين ملڪن ۾ ڪندو رهيو آهي. عالمي سياست هڪٻئي جي تجربن مان سکي ٿي جيڪو طريقه واردات آمريڪا ڪري هائيپر پاور بڻيو آهي ان ساڳئي رستي تي چين هلڻ چاهي ٿو جنهن سان اڄ جي دنيا ڪافي خطرناڪ ٿي رهي آهي.