انسان-پسنديت نظريو

0
299

                 انسان معلوم تاريخي دور يا وقوفي انقلاب کان وٺي ھن مھل تائين عقلي حقيقتن جي ڀيٽ ۾ تصوراتي ڪھاڻين کي وڌيڪ پسند ڪندو رھيو آھي ۽ انھن تي يقين پڻ ڪندو رھيو آھي.

                 ڪڏھن ھن سج، چنڊ، تارن جي پرستش پئي ڪئي ته ڪڏھن اھو ابن ڏاڏن جي روح جي پوجا ۾ مصروف ھو؛ ڪڏھن ھو کنوڻن جي ڪڙڪاٽ ۽ طوفانن ۾ وڻن جي ٽڙڪاٽ سبب خوفزدہ پئي ٿيو ته ڪڏھن برسات ۽ سيلاب ان جي فصل ۽ اناج کي لوڙھي سندس محنتن جي ڪئي ڪمائي ڪٽ پئي ڪئي. نتيجي ۾ انسان جي ذھن ۾ ھڪ غيبي طاقت جو روپ پيدا ٿيو ۽ اھو اڳتي ھلي مذھب جي شڪل اختيار ڪري ويو. وقت گذرڻ سان گڏ ان مذھبي تصور ۾ پڻ ڪافي تبديليون آيون ۽ ان منجھان ڪيترائي نوان مذھب ۽ نظريا جڙي ويا. مذھبي ۽ نظرياتي تصورن ھڪ پاسي اجنبي انسانن کي گڏيل مقصدن جي ڇٽيءَ ھيٺ متحد ڪري باھمي تعاون ۽ ترقيءَ کي فروغ پئي ڏنو ته ٻئي پاسي وري مذھبي ٺيڪيدارن پنھنجن مفادن تحت عقيدي جي بنياد تي انسانن ۾ ھڪ ٻئي خلاف نفرتون پکيڙي ھزارن ۽ لکن انسانن کي قتل پئي ڪرايو! اڄ اسان انسانن طرفان جوڙيل ھڪ اھڙي نظرئي جيڪو ھڪ نئين مذھب ۽ فلسفي جو روپ اختيار ڪري چڪو آھي جي اپٽار ڪنداسين جيڪو صوفين جو ساھه رھيو آھي، رندن جو راز رھيو آھي، انسانن جو آواز رھيو آھي ۽ دنيا جي بقا جو راز رھيو آھي: اھو آھي انسان-پسنديت (Humanism) مذھب يا فلسفو!

انسان-پسنديت ھڪ ئي وقت ھڪ نظريو ۽ فلسفو  آھي جيڪو نه رڳو زندگي گذارڻ جا سونهان اصول ٻڌائي ٿو پر مادي ۽ ڪائنات جي تناظر ۾ انساني زندگي جي عقلي وضاحت پڻ پيش ڪري ٿو. انساني زندگي، انساني حق، انفراديت، روشن خيالي، جمھوريت، تقرير ۽ تحرير جي آزادي ۽ ترقي پسندي ھن جا نمايان گڻ آھن. ھي نظريو ۽ فلسفو رنگ، نسل، مذھب ۽ سماجي مرتبي جي مت-ڀيد کان بالاتر ٿي سڀني انسانن ۽ انھن جي جذبات کي ھڪ جيترو مقدس ۽ برابر سمجھي ٿو. ھن مطابق انسان پنھنجن سوچن، روين ۽ عملن لاءِ آزاد آھي ۽ اھو پنھنجي ۽ ٻين ماڻھن اڳيان جوابده آھي. مطلب ته ھن مطابق ڪائنات ۽ زندگي کي سمجھڻ لاءِ توڙي انساني اخلاقيات يعني انسانن کي ڪھڙيءَ ريت زندگي گذارڻ گھرجي، سموري اخلاقيات انساني حياتيءَ ۽ انفرادي انساني جذبات کي مقدس سمجھڻ جي بنياد تي ٻڌل آهي. ان جو مطلب اھو آھي ته ڪنھن به انسان کي اھو سڀڪجهھ ڪرڻ جي آزادي آھي جيڪو اھو چاھي ٿو يا جنھن ۾ ان کي سٺو محسوس ٿئي ٿو پر شرط اھو آھي ته ان عمل سان انفرادي توڙي اجتمائي طور ڪنھن ٻئي ماڻھو يا ماڻھن جي طبقي جا جذبات مجروح نه ٿيندا ھجن. مطلب ته ھڪ معاشري ۾ جڏھن ٻن ماڻھن جا رويا ۽ عمل ھڪ ٻئي لاءِ ھڪ جيترا قابل قبول ھجن ۽ سندن انھن روين ۽ عملن جي ڪري معاشري جي ٻين ماڻھن کي به ڪو اھنج ۽ رنج نه پھچي ته سندن اھڙا رويا ۽ عمل اخلاق جي دائري ۾ آھن.

جيئن ته ھي فلسفو عقليت يعني حواسي مشاھدن، تجربن ۽ منطقي تجزين تحت ثابت ٿيندڙ يا سائنسي معلومات کي ڀروسي جوڳو سمجهي ٿو ان لحاظ کان ھن جا پيرا سقراط کان به اڳين فلسفين ڏانھن وڃن ٿا؛ مثال طور پروٽوگورس (440 BC) چيو ھو: “مون کي پڪ نه آھي ته خدا آھن يا نه آھن، ۽ جي آھن ته انھن جي شڪل ڪھڙي آھي؟” سقراط (BC 399-470) کي به ته انساني اخلاقيات ۽ انصاف جي منطقي ۽ تشريح ڪرڻ تي زھر جو پيالو پيئڻو پيو. ارسطو (322-384 BC) عقليتي استدلال ۽ اخلاقيات کي انساني فطرت جي ڪسوٽي تي پرکڻ جو باني ۽ پيروڪار ھو. ويجهي ماضيءَ ۾ سلطنت عثمانيه طرفان بازنطيني يا رومي سلطنت جي گادي قسطنطنيه جي فتح (1453ع) کان پوءِ يورپ ۾“وچئين يا تاريڪ دور” جي پڄاڻي ٿي. لڳ ڀڳ مٿئين عرصي (اٺين کان چوڏھين صدي عيسوي) دوران اسلامي علم ۽ روشن خيالي جي اثر ھيٺ بو علي سينا، محمد بن ذڪريا الراضي، جابر بن حيان، محمد موسيٰ الخوارزمي جھڙن سائنسدانن جي تحقيق، کوجنا ۽ ايجادن مسلمانن کي سائنسي عروج جو ھڪ تاريخي “سونھري دور” ڏنو جنھن ۾ علم جي مذھبي ۽ غير مذھبي ھٿراڌو تفريق ڪانه ھئي (بعد۾ اھڙي تفريق ئي مسلمانن جي پٺتي پوڻ جو سبب بڻي). اھڙي ريت علم ۽ روشن خيالي جي روشني مشرق کان مغرب تائين پھتي. يورپ ۾ “جديد سائنسي انقلاب”جون پاڙون جيتوڻيڪ تاريخ جي “وچئين دور” (پنجين کان پندرھين صدي) جي اٽلي جي شاعر ۽ دانشور پيٽرارڪ (Petrarch: 1304-1374 AD) تائين وڃن ٿيون جنھن کي انسان-پسنديت جو باني پڻ چيو ويندو آھي، پر سورھين کان ويھين صدي دوران برطانيه ۽ يورپ ۾ برپا ٿيندڙ صنعتي انقلاب (پرنٽنگ پريس، ريلوي نظام)  جي اثر ھيٺ چرچ کان بغاوت ئي انساني تاريخ کي انسان-پسنديت جھڙو ھڪ عظيم نظريو۽ فلسفو  عطا ڪيو آهي.

ھن لاءِ فطري سائنسدانن جھڙوڪ ڪوپرنيڪس، گيليلو،  رين ڊيڪارٽي، وليم گلبرٽ، پاسڪل، رابرٽ بوائل، آئزڪ نيوٽن، بينجمن فرينڪلن، لوائيزر، گريگر مينڊل، چارلس ڊارون، البرٽ آئينسٽائين، ميري ڪيوري ۽ سگمنڊ فرائيڊ وغيرہ سان گڏ مغربي فلسفين جھڙوڪ وولٽائر، اسپائنوزا، ڪانٽ، ايڊم سمٿ، روسو، جان لاڪ، ليبنيز، ڊيوڊ ھيوم، ، فرانسس بيڪن، ڪارل مارڪس، ڪارل روجرس ۽ جان ڊيوي وغيرہ جون خدمتون ناقابلِ فراموش آھن. انسان-پسنديت ھن وقت يورپ ۽ آمريڪا ۾ مقبول ترين نظرئي ۽ فلسفي طور مڃيو وڃي ٿو.

انسان-پسنديت جا حامي ھنن ڏھن اصولن کي زندگي گذارڻ جا سونھان اصول سمجھندا ۽ مڃيندا آھن: اھي روايتي ۽ دقيانوسي سوچ کي رد ڪندي تنقيدي سوچ يعني سائنسي سوچ تي يقين رکندا آهن؛

اھي لچڪدار اخلاقيات تي يقين رکندا آھن يعني ھڪ فرد جو انفرادي عمل ٻين ماڻھن، ٻين زندگين ۽ ماحول تي ڪھڙا اثر وجھي ٿو بابت مسلسل تحقيق ۽ تدبر تي يقين رکندا آھن؛ اھي عالمي ۽ سماجي امن لاءِ ھر قسم جي ناانصافي کي ختم ڪرڻ تي يقين رکندا آھن؛ اھي ھر ماڻھوءَ جي فطري ۽ اڪتسابي صلاحيتن کي معاشري جي فلاح ۽ بھبود لاءِ وڌ ۾ وڌ استعمال ڪرڻ تي يقين رکندا آھن؛ اھي معاشري ۾ سھپ ۽ رواداري پيدا ڪرڻ لاءِ پنھنجي خيالن ۽ نظرين کي پاسيرو رکي ٻين جي تڪليفن ۽ اھنجن کي سمجھڻ لاءِ ٻئي جي ڳالهه کي غور سان ٻڌندا آھن ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا آھن؛ اھي پنھنجين ڪاميابين ۽ اعليٰ حاصلات ھوندي به انڪساري ۽ خدمت تي يقين رکندا آهن ۽ غرور کي رد ڪندا آھن؛ اھي نه رڳو انساني زندگي پر ٻي سڀ زندگي توڙي ماحوليات جي تحفظ جي عملي جاکوڙ تي يقين رکندا آهن؛ اھي انسانن جي ھڪ ٻئي تي انحصار، عالمي ڳوٺ جي تصور ۽ گھڻ ثقافتي قبوليت کي مڃيندڙ آھن؛ اھي پنھنجي انفرادي سوچن، روين ۽ عملن جي پوري ذميداري کڻندڙ آھن؛ ۽ اھي معاشري ۾ انفرادي توڙي اجتماعي فلاح جا خواھشمند آھن ۽ بيغرض خدمت تي يقين رکندڙ آھن.

يووال نوح ھراري پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب “ھومو ڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ” (Homo Deus: A Brief History of Tomorrow) ۾ ھن نظرئي بابت سٺو بحث ڪيو آھي.

 ان مطابق انسان-پسنديت جو زندگيءَ جي هر شعبي سان واسطو آهي پر ان کي سمجھڻ لاءِ هتي زندگي جي پنجن اهم شعبن ۾ سندس اطلاق ۽ متعلقه ُسونهان اصول ٻڌائڻ ضروري آھي:

  • انسان-پسنديت سياست: هڪ ووٽر ئي بهتر ڄاڻي ٿو.
  • انسان-پسنديت معاشيات: هڪ گراهڪ ئي هميشه صحيح آهي.
  • انسان-پسنديت جماليات: خوبصورتي ڏسڻ واري جي اک ۾ هوندي آهي.
  • انسان-پسنديت اخلاقيات: جيڪڏهن ڪجھه ڪرڻ ۾ توهان کي سٺو محسوس ٿئي ٿو ته ڀلِي ڪريو.
  • انسان-پسنديت تعليم: پنهنجو پاڻ سوچيو.

ھراري چوي ٿو ته انسان-پسنديت نظرئي يا فلسفي جا ڪجھه اُونداها پاسا پڻ آهن. مثال طور، هڪ پاسي انسان-پسنديت معيشت مطابق هڪ گراهڪ ئي هميشه صحيح هوندو آهي جي مطابق اسان جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ گوشت جي طلب ۽ رسد (گراهڪن طرفان طلب ۽ سيڙپڪارن طرفان رسد) تي انحصار ڪريون ٿا، ته اچو ته اهو پڻ ڏسون ته ٻئي پاسي اهي سيڙپڪار ڇا ڪري رهيا آهن؟ انهن سيڙپڪارن اُپسالا ۾ بايو ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جانورن ۾ جينياتي هير-ڦير لاءِ پروفيسر ليف اينڊرسن جون خدمتون حاصل ڪيون آهن.

 پروفيسر صاحب مختلف جانورن جهڙوڪ سُوئرن، ڪُڪڙين ۽ ڳائي مال تي جينياتي تجربا ڪري رهيو آهي ته جيئن انهن مان تڪڙو ۽ وڌيڪ گوشت پيدا ڪري سگھجي يا وري تڪڙو ۽ وڌيڪ کير جو مقدار پيدا ڪري سگھجي. هن سان هڪ انٽرويو ۾ هڪ اخباري صحافي جڏهن بحث ڪندي سوال ڪيو ته: پروفيسر صاحب ڇا اها هڪ حقيقت نه آهي ته جانورن توڙي پکين (يا ٻين جاندارن) جي جينياتي هير-ڦير انهن لاءِ تڪليف ۽ اذيت جو سبب بڻجي رهي آهي؟ ڇو ته اڄڪلهه اڳ ۾ ئي جينياتي تبديلين وسيلي ڳئون جو اهڙو نسل پيدا ڪيو ويو آهي جنهن منجھان ڄاول ڦرڙا ايترا ته ڳرا ۽ ٿُلها ٿا پيدا ٿين جو اهي مشڪل سان ئي بيهي سگھن ٿا، ۽ ٻئي پاسي وري بهتر بڻايل ڪُڪڙيون پڻ ايتريون ڳريون ۽ ٿُلهيون بڻايون ويون آهن جو اهي بيهي به نه ٿيون سگھن ۽ وڌيڪ وزن جي ڪري فقط ويٺيون ئي هونديون آهن. ته ڇا انهن جانورن کي اهڙي تڪليف ۾ مبتلا ڪرڻ توهان جي نظر ۾ ٺيڪ آهي؟

 ان تي پروفيسر صاحب پختو جواب ڏئي ٿو ته “هر شيءَ آخرڪار هڪ گراهڪ تائين پهچي ٿي،

ان ڪري سوال اهو آهي ته هڪ گراهڪ گوشت لاءِ ڪيتري قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهي.اسان کي اهو ياد رکڻ گھرجي ته جينياتي تبديلين کان سواءِ رواجي يا فطري طريقن سان دنيا ۾ گوشت جي موجوده طلب يا کپت کي مُنهن ڏيڻ ناممڪن آهي.جڏهن گراهڪ اسان کي سستي ۾ سستي گوشت لاءِ چون ٿا.تڏهن ئي اسان گراهڪن کي اهو مهيا ڪريون ٿا.گراهڪن کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي ته انهن لاءِ ڪهڙي شيءَ اهم آهي: قيمت يا ڪجهھ ٻيو.” اهو ئي سبب آهي جو پروفيسر اينڊرسن مطمئن ضمير سان رات جو آرام وارِي ننڊ ڪري ٿو ۽ کيس  توڙي گراهڪن کي احساسِ جرم محسوس ئي نه ٿو ٿئي!

ڳالھه جو ڳر اھو آھي ته اڄوڪي ترقي يافته دنيا خاص ڪري اولھه جي ملڪن يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻھو صنعتي انقلاب کان پوءِ پنھنجي جوڙيل انسان-پسنديت جي نظرئي ۽ فلسفي تي يقين رکن ٿا. انسان-پسنديت نظريو يا فلسفو انسانن جي انفرادي توڙي اجتماعي ترقي جو ضامن نظر اچي ٿو. جيئن ته ھي نظريو سائنس وانگر ھر وقت ھر ڳالهھ تي تنقيد لاءِ کليل آھي ان ڪري ھن جا ڪمزور پاسا اڳتي ھلي بھتر بڻجي ويندا ۽ ھي نظريو انسانذات جي بنا ڪنھن مت-ڀيد جي خدمت ڪندو رھندو.