خالي کيسي جو وزن دُنيا جو وڏي ۾ وڏو بوجهه!

0
22
خالي کيسي جو وزن دُنيا جو وڏي ۾ وڏو بوجهه!

 سنهي سنهي بُک حياتيءَ جي لاءِ سِلو پُوائزن بڻجي وجود جا واڻ وڍي ڇڏيندي آھي. بُک نه رڳو حياتيءَ جا هڙئي هار سينگار کسي وٺندي آھي، پر رت جي رشتن ۾ به ڏار وجهي ڇڏيندي آھي، ڇاڪاڻ ته اَڀري جو هن دُنيا ۾ ڪير به ناهي. “غريب جو ماس ڳجهه به نٿي کائي” اها ڪهاوت ته توهان به ٻُڌي هوندي. بُک ماڻهوءَ جا وڻ ئي وڄائي ڇڏيندي آھي.

                 سڀرن جي هن سائي سَتابي دُنيا ۾ اَڀرا ڪئين جيئن ٿا، اهو پورهيت کان مٿي ڀلا ڪير ٿو ڄاڻي. پورهيت جن جا هٿ آسمان وانگي خالي ۽ دليون درياءَ وانگي ڀريل آھي. پورهيت جن کي مقدر ۾ ڏُکن ۽ بُکن کان سواءِ ٻيو مليو به ڇا آھي؟ پورهيت جيڪي ان طبقي سان تعلق رکن ٿا، جيڪو وچ واري ٽياس تي ٽنگيل هوندو آھي. پورهيت هن وشال دُنيا ۾ صفا ننڍڙا ماڻهو سمجهيا ويندا آهن، جن جا خواب به معصوم ٻارن جي کيسي خرچي وانگي بنهه ننڍڙا هوندا آھن. اُھي ننڍا ننڍا خواب جڏھن ٽُٽي پوندا آھن تڏھن وڏيون رڙيون نڪري وينديون آھن پر اميرن جي شور ۾ ٻُڏل هي دُنيا غريبن جون رڙيون ٻُڌي ناهي سگهندي. پورهيتن جي خوابن ۾ ڪنهن به خوبصورت بنگلي يا وڏي گاڏيءَ جي ڪابه تمنا ناهي هوندي. اُنهن جي خوابن ۾ ته بس عزت سان ماني ملڻ واري ننڍڙي منوڪامنا هُوندي آھي. اُنهن جي خوابن ۾ پئرس جي پرفيوم نه پر ڪڻڪ جي تازي اَٽي جي خوشبُوءِ هُوندي آھي. پورهيت ته پنهنجي ايشور ۽ اللّه کان بس اهو ئي گُهرندا آھن ته پنهنجن ٻچن کي مالڪ مانيءَ جي شڪل کان ڪڏھن به محروم نه رکي. پورهيتن نه ڪڏھن ڪاٽن گُهريو آھي نه ڪَرنڊي. پورهيت ته پالڻهار کان بس اها ئي دعا پِنندا آھن ته مالڪ انساني اوگهڙ ڍڪڻ سارون بدن تي عزت واريون اڳڙيون ڏئي. پورهيت ڪنهن به ڊبل يا ٽرپل اسٽوري بنگلي جو سوچيندا ئي ناهن. اُهي ته بس اُن ڇترڌاريءَ کان اُس ۾ مٿو لڪائڻ سارون هڪڙي ڇت ئي گهرندا آھن، اڀرو سڀرو اَجهو ئي اُنهن جي وڏي آس ۾ شامل هوندو آھي.

بُک اها ناهي جنهن ۾ ماڻهوءَ کي پسند جو کاڌو نه مليو هُجي يا پسند جا ڪپڙا نه مليا هُجن، پر بُک اُھا آھي جنهن ۾ مرچن جو ئي ذائقو وسري ويو ھُجي، نئين جُتي ۽ نئين وڳي لئه ماڻهو ائين سڪي جيئن وديس ۾ وينهايل ڌيئاري پنهنجي ديس جي وڻن لئه سڪي! بُک اها ناهي جنهن ۾ ماڻهوءَ کي ماني ٿوري دير سان ملي هُجي پر بُک اُھا آھي، جنهن ۾ ماڻهوءَ کان مانيءَ جي صورت ئي وسري وڃي، جنهن ۾ ماڻهو مانيءَ جي خوشبُوءَ سُنگهڻ لاءِ سڪيو وڃي. بُک اها آھي جنهن ۾ ماڻهو عيد جي ڏينهن اَٽي لپ لاءِ پريشان هُجي. بُک اها ناهي جنهن ۾ ماڻهوءَ کي سجُ ڪَنان سُھڻي زال جي لاءِ ڪو سونو زيور نه مليو هُجي، پر بُک اُھا آھي جنهن ۾ ان جي ڪُنڍي نڪُ لاءِ رول گول (رولڊ گولڊ) جو ڪوڪو به نه ملي. بُک اُھا ناهي جنهن ۾ اوهان کي مهانگيون ملٽي وٽامن گوريون نٿيون ملن پر بُک اُھا آھي جنهن ۾ ٻَري ۾ ٻَرندي پيراسٽامول به نه ملي سگهي. اها هوندي آھي مها ڀيانڪر بُک جنهن کي پورهيت طبقي انتهائي ويجهي کان ڏٺو آھي.

پورهيتن نه نٽ همسن جو ناول بُک پڙھيو آھي، نه ئي داس ڪيپيٽال جي ڪنهن حرف کان واقف آھن. سنڌ جي پورهيتن نه ايٿوپيا جا انسان ڏٺا آھن، نه ئي آفريڪا جي اُگهاڙن ٻارن جي اکين ۾ بُک جا پاڇا پڙھيا آھن پر پوءِ به اُهي بُک کي چڱي طرح سمجهي سگهن ٿا. ڇو ته اُنهن بُک کي انتهائي ويجهي کان ڏٺو آھي. پورهيتن نه مَغربي ادب جو مطالعو ڪيو آھي، نه ئي يوناني ڏاهن جا ڏس پڙھيا آھن، پورهيتن ته ڪتابن کان وڌيڪ ماڻهن جا چهرا پڙھيا آھن. پورهيتن اُنهن ماڻهن سان گوڏو گڏي ڪچهريون ڪيون آھن، جن جو موضوع ماني هوندو آھي. پورهيتن انهن ماڻهن کي ڏٺو آھي، جن ماني ناهي ڏٺي، جيڪي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ پنهنجي حياتيءَ جي جنت کي هٿ سان ٽانڊو ڏيندا آھن. اُنهن روزي ڪارڻ رت ٿيندڙ انهن مزدُور ماڻهن جا مزاج پڙھيا آھن جن جي سموري پُونجي پگهر ئي هوندو آھي. جن پورهيت هٿن کي عيد جي ڏينهن پَراين درن تي اوبر کائيندي اکين ڏٺو آھي. جن ستن ڏينهن جي بُکايل ماڻهن جي اکين جي ٻوليءَ ۾ بُک جو اهو ڀيانڪر ناول پڙھيو آھي، جنهن جو ورق ورق بيوسيءَ سان ڀريل هوندو آھي.

وچولي طبقي وارن ماڻهن کي گهمڻ ڦرڻ جو شوق بنهه گهٽ هوندو آھي. اُنهن کي هي دُنيا ايڏي وڻندي ناهي، پر پوءِ به بنان ڪنهن شڪايت جي مُرڪي جيئندا آھن. ماڻهوءَ کي سير و تفريح تڏھن ئي وڻندو آھي، جڏھن پيٽ ۾ ڪا شيءِ هُوندي آھي. خالي پيٽ ۽ خالي کيسي سان ته ماڻهوءَ کان پالڻهار ئي وسري ويندو آھي. هي ڀَري تُري دُنيا ۽ ان ۾ موجود هر حُسناڪي ماڻهوءَ کي تڏھن ئي من موهيندڙ لڳندي آھي جڏھن کيسو چيو ڪندو آھي. هٿين خالي ماڻهوءَ لاءِ هي دُنيا فقير جي ڪشڪول کان وڌيڪ ڪابه معنيٰ نٿي رکي. ان ڪري اَڀرن ماڻهن لاءِ عيدون ۽ هوليون به اڻ ڏٺا عذاب کڻي اينديون آھن. مسڪينن لاءِ اهي تهوار ڪابه معنيٰ نٿا رکن. اُلٽو احساس ڪمتريءَ ۾ مُبتلا ڪري بُک کان پهرين ماري ٿا ڇڏين. غريب لاءِ هر اهو ڏينهن عيد ۽ ڏياري جھڙو هوندو آھي جنهن ڏينهن ڍؤ تي ماني ملندي آھي. اچو ته توهان کي اهڙو ئي مُنهنجو هڪڙو نظم ٻُڌايان، جيڪو مُون تازي ڪنهن تهوار تي لکيو هو؛

پيٽ ڀرڻ لئه ڍوءَ تي ماني

جنهن ڏينهن ملندي عيد ڪنداسين

اُن کان اڳ ۾ پاڻ ٻنهي لئه

عيد ڏياري ممنوع آھن

چُوڙي کان اڳ لولو گُهرندڙ

تُنهنجو پيٽ پُڇي ٿو مون کان

اهڙا ڇو تهوار نه آھن؟

جن ۾ پيٽ بُکئي سان ماڻهو

پيار ونڊيندي ڀاڪر پائي

نئين سر ڪائي ريت نڀائي

گڏجي گيت خوشيءَ جا ڳائي

ڪاپي پين کڻڻ کان پهرين

جيڪي هٿ مزدور ٿيا هن

تن لئه هي تهوار سمورا

دنيا جو بس ڍونگ لڳن ٿا

هن بي رحم دُنيا جو اُگهاڙو سچ اهو ئي آھي ته بُکايل لاءِ ماني محبوب کان مٿي اهميت رکي ٿي. محبوب کان سواءِ ماڻهو زنده رهي سگهي ٿو پر ماني کانسواءِ نه. جن وٽ مانيءَ جي اهميت آھي، انهن کي اَٽو ئي نٿو ملي…جن کي ماني ملي ٿي اُنهن کي وڻي نٿي. اُھي پيزا برگر ۽ الئه ڇا ڇا کائي مانيءَ سان مذاق ڪن ٿا. ڪيڏي نه اُلٽي گنگا آھي! اهو ڏُک پورهيت ئي ڄاڻي سگهن ٿا ته ننڍي ڄمار ۾ مليل وڏيون ذُميواريون ماڻهوءَ کي وقت کان اڳ پوڙھو ڪري ڇڏينديون آھن! ان جو ادراڪ ان کي هوندو جنهن سدائين خالي کيسي جو وزن کنيو هوندو. خالي کيسي جو وزن دُنيا جو وڏي ۾ وڏو بوجهه هوندو آھي!

ڪساري بادام جهڙي ڪَڙي حقيقت اها ئي آھي ته پنهنجي پيٽ ۾ پوري ماڻهو لئه پنهنجو گهر ئي گورک هوندو آھي! غريبن لاءِ پنهنجن ٻارن جو پيٽ پالڻ  ئي دُنيا جي وڏي ۾ وڏي وندر ۽ تفريح هوندي آھي! اُن وندر مان وقت ئي ناهي ملندو جو دُنيا جي ٻين شين کي ماڻهو ڏسي، ڇاڪاڻ ته بُک سموري دُنيا ڏيکاري ۽ سڀ ڪُجهه سيکاري ڇڏيندي آھي. دُنيا ۾ بُک کان مٿي ٻيو ڪو اُستاد ٿي ئي نٿو سگهي. بُک جيڪو ڀيد سمجهائي ٿي اهو نه يونان جا ڏاها ڏَسي ٿا سگهن نه مغربي اديب. مون کي بُک گهڻو ڪُجهه سيکاريو آھي، اڃا سيکاري پئي…!!