9 مئي 2023: سياست جي ريڊ لائين

0
42
9 مئي 2023: سياست جي ريڊ لائين

جڏهن آمريڪا ۾ 6 جنوري 2021ع تي ٽرمپ جي 2 هزار حامين واشنگٽن ۾ ڪيپيٽل هل تي حملو ڪيو هو ته جيئن اليڪشن جا نتيجا روڪي سگهجن. جيئن  ٽرمپ جي شڪست ۽ بائيڊن جي ڪاميابي جو اعلان ٿي نه سگهي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي سياسي روايت موجب ڪيپيٽل هل ۾ ٻنهي ايوانن ڪانگريس ۽ سينيٽ جو گڏيل اجلاس ٿيڻو هو، جنهن ۾ اليڪٽوريٽ ووٽن جي ڳڻپ ٿيڻي هئي ۽ ڪامياب اميدوار جو صرف اعلان ٿيڻو هو. جيتوڻيڪ ٽرمپ جي حامين ٻن هزار ماڻهن جو اهو حملو يا پر تشدد احتجاج ناڪام ٿيو پر ان حملي آمريڪي سياست ۽ رياست تي وڏا سوال اٿاري ڇڏيا ۽ سينيٽ جي سب ڪاميٽي جڏهن ان معاملي جي تحقيقات ڪئي، جنهن ۾ ان چيو ته ايف بي آءِ جهڙو اهم ادارو، جنهن کي هر شئي جي خبر هوندي آهي، ان کي اهڙي حملي جي اڳواٽ خبر ڇو ڪانه پئي؟ ان کي ناڪام ڪرڻ لاءِ هنن اڳواٽ قدم ڇو ڪو نه کنيا؟ جڏهن ته 5 جنوري تي ان حملي جي پلاننگ بابت سوشل ميڊيا تي مئسيج به اچي ويا هئا. پر ڇا اهو حملو ڪرڻ ڏنو ويو هو؟ ڇو ته ان حملي کانپوءِ ٽرمپ تي پابنديون لڳي ويون. ٽرمپ جا ڪافي حامي جيلن جي حوالي ٿي ويا، انهن کي سخت سزائون اچي ويون ۽ ٽرمپ هن وقت جيتوڻيڪ 2024ع واري اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيو آهي، پوءِ به آمريڪي اسٽيبلشمينٽ پاران کوٽي ڪڍيل ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ بجاءِ جو پنهنجو منظم اليڪشن ورڪ هلائي، هو  ڪنهن نه ڪنهن ڪورٽ ۾ شنوائي تي بيٺو آهي. ڇاڪاڻ ته آمريڪي اسٽيبلشمينٽ مطابق ٽرمپ ۽ سندس ويجھن ساٿين 6 جنوري 2021ع تي آمريڪي سياست جي ريڊ لائين ڪراس ڪئي ھئي.

اھڙي ساڳي صورتحال پاڪستان ۾ به آهي. عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ رياست جي وڏن ادارن تي حملا ڪيا ويا، جنهن ۾ جي ايڇ ڪيو ۽ فوجين لاءِ دل جي اسپتال راولپنڊي، ڪور ڪمانڊر هائوس ۽ فوجي قافلو مال روڊ لاھور. خيبر پختونخوا ۾ پشاور اندر ريڊيو پاڪستان ۽ ايٽمي ڌماڪي جي جاءِ، چاغي جو ماڊل ۽ چارسدہ، لوئر دير ۽ ٻين علائقن ۾ فوج سان لاڳاپيل ادارن يا نشانين کي باهيون ڏنيون ويون. سڄي ملڪ جا مکيه رستا بند ڪيا ويا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، جيڪو سلسلو 10 مئي تائين ھلندو رھيو. هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا اسان جي به ادارن کي اها خبر نه هئي ته جڏهن عمران خان گرفتار ٿيندو ته ان جو ري ايڪشن به ٿيندو. ڇا آمريڪي ايف بي آءِ وانگر اهي به خاموش هئا يا وري انهن جي به تياري ڪانه هئي؟ اهو سوال آمريڪا جي ريڊ لائين جي سياست تي به لکيل آهي ۽ پاڪستان جي ريڊ لائين واري سياست تي به لکيل آهي. جيئن ٽرمپ تي ڪيس هلي رهيا آهن ۽ ڪورٽن جا ڌڪا کائي رهيو آهي، ساڳي ريت 9 مئي واري واقعي کان پوءِ عمران خان تي به اسٽيبلشمينٽ جي سخت ڪاوڙ آھي. کيس ڪيترن ئي ڪيسن ۾ سزا ملي چڪي آھي ۽ ڪورٽن ۾ ڪيس به هلي رهيا آهن. ائين ئي سندس سموري پارٽي جا اهم اڳواڻ به جيلن ۾ بند ڪري انهن تي به ڪيس هلي رهيا آهن. شاھ محمود قريشي، پرويز الاهي ۽ ڊاڪٽر ياسمين تي ڪيس کُٽن ڪونه ٿا. پي ٽي آئي جي 100 کان مٿي ڪارڪنن تي فوجي ڪورٽن ۾ ڪيس داخل آهن.

جيتوڻيڪ 9 مئي 2023ع کانپوءِ رياست ۽ عدالتن طرفان سخت قدم کنيا ويا آهن، پر انھن قدمن جو 8 فيبروري 2024ع واري اليڪشن تي ڪو به اثر پئجي نه سگهيو. باوجود سخت پابندين جي، عمران خان جي پارٽي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا مان تمام گهڻيون سيٽون کٽي چڪي آهي. جنهن جي ڪري فارم 45 ۽ فارم 47 جا ڪافي ڪيس اليڪشن ڪميشن جي ٽربيونلز سان گڏوگڏ مختلف صوبائي عدالتن سان گڏ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ به داخل ٿي ويا آهن. هن وقت اهو تضاد ملڪي معيشت کي بهتر ٿيڻ نه پيو ڏئي، ڇاڪاڻ ته ٻاهريان سيڙپڪار اهو سوال پڇي رهيا آهن ته ائين ته ناهي جو عمران خان وري اقتدار ۾ اچي وڃي يا جيڪا ڌر هينئر اقتدار ۾ ويٺي آهي، اها سمورين ڳالهين تي اسان سان ايگريمينٽ ڪندي ۽ پاڪستان جو عوام انهن ايگريمينٽن کي تسليم نه ڪندو، جنهن جي ڪري اهي معاهدا بي اثر ٿي ويندا، تنهن ڪري هن وقت ڪي به اهڙا وڏا معاهدا نه پيا ٿين. ان ڪري اهڙن وڏن معاهدن کي ڪرائڻ لاءِ آرمي جي چيف کي وچ ۾ ويهارڻو پئجي ويو آهي ۽ هاڻ هو ئي ٻاهرين سرمائيدارن کي يقين ڏياري رهيو آهي ته اهي معاهدا ڪريو، اسين انھن کي قائم رکنداسين. جنهن بابت وزير اعظم شهباز شريف تازو هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي تسليم ڪيو ته سعودي عرب جي سيڙپڪاري ۾ اسان جي ڪمانڊر انچيف جو اهم ڪردار رهيو آهي. پر اهو ڪيسيتائين ممڪن رهندو. هن وقت واري صورتحال صرف عمران خان لاءِ خراب ناهي پر مجموعي طرح سان اسان جي ملڪ لاءِ خراب آهي. جنهن ۾ هڪ طرف پي ٽي آئي آهي ته ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ آهي. ٽئين طرف نون ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ان جون اتحادي پارٽيون آهن.

پي ٽي آئي اليڪشن کٽڻ جي باوجود به پنهنجي اندروني تضادن جو شڪار آهي. جنهن وقت هو حڪومت ۾ هئي، تنهن وقت به انهن اندر تضاد هئا، پر عمران خان جي موجودگي سبب اهي دٻيل هئا. هن وقت اهي تضاد وڌيڪ چٽي طرح سان سامهون آيا آهن. هڪ طرف عمران خان جا پنهنجا پراڻا سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ آهن، ٻئي طرف ڪيسن جي مجبوري ڪري نوان نوان وڪيل شامل ٿيا آهن، جن کي قومي اسيمبلي جون ٽڪيٽون مليون ۽ پارٽي جي قيادت به جهڙوڪر انهن وٽ ئي آهي ۽ اهي تضاد تيز ٿيندا پيا وڃن. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ۾ پهرين شير افضل مروت کي چونڊويو ويو پر وري فورن اجلاس گهرائي ان کي هٽائي شيخ وقاص کي چونڊيو ويو. شير افضل مروت جو چوڻ آهي ته کيس عمران خان نامزد ڪيو پر پارٽي اندر پارٽي جي سازشي گروپ بئرسٽر گوهر ۽ ٻين کيس سيٽ تان هٽرائي ڇڏيو. اھا ٻي ڳالھ آھي ته عمران خان به ساڻس جيل ۾ ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ڪي پي ڪي جو وزير اعلى علي امين گنڊاپور سيٽ ۽ حڪومت ته ماڻي چڪو آهي پر هن وقت تائين هن اهڙو ڪم ناهي ڏيکاريو، جهڙو عمران خان جي پوئين حڪومت ۾ خيبر پختونخوا وارن ڏيکاريو هو. ھي ھن وقت تائين ڪو به عوامي مسئلو حل ناهي ڪري سگهيو. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته عمران خان جيل ۾ آهي ۽ پارٽي بنا ليڊر جي هلي رهي آهي. هر ڪو پنهنجي منهن آهي. پارٽي اندر ڊسيپلين جي تمام گهڻي کوٽ آهي. ان ڪري هاڻ پي ٽي آئي جي مجبوري آهي ته ڪنهن به طرح سان عمران خان ٻاهر اچي پارٽي کي متحد ڪري، ان کي وري ڪامياب ڪرائي.

جيتوڻيڪ 8 مئي 2024ع تي پاڪ فوج جي ترجمان پاران 9 مئي جي واقعي ۾ شامل ليڊرن، ڪارڪنن ۽ عمران خان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي، پر هن وقت حقيقت ۾ اسٽيبليشمينٽ جي اها مجبوري آهي ته جن ماڻهن کي هنن اڳيان آندو، اهي ڪي گهڻا ووٽ نه کڻي سگهيا آھن ۽ سندن پنجاب ۾ به پذيرائي ڪانه آهي ۽ ملڪ جي معاشي مسئلن جي حل ۾ ڪي گهڻا مددگار ثابت نه پيا ٿين. جيڪڏهن معاشي بحران وڌيو ته اهو اسٽيبلشمينٽ کي به ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو. پاڪستان کي ٻاھرين ملڪن جي قرضن جي قسطن لاءِ ايندڙ ٻن سالن ۾ 60 بلين ڊالرن کان وڌيڪ رقم گهرجي ٿي. ان لاءِ حڪومت جي نجڪاري واري پاليسي به سستيءَ جو شڪار آهي، ان ۾ وري پيپلز پارٽي جي مخالفت، نواز ليگ جي ڪا گهڻي مددگار ثابت نه پئي ٿئي. هن وقت شهباز شريف جو ته اسٽيبلشمينٽ کي پورو تعاون حاصل آهي، پر پنجاب حڪومت سندس ڪا مدد نه پئي ڪري. اتي نواز شريف گروپ جي هڪ هٽي برقرار آهي. پنجاب محسن نقوي وارو ناهي رهيو، جيڪو پنجاب هاڻ پنهنجي ئي وفاقي حڪومت کان ڪڻڪ اسڪينڊل جي تڪڙي جاچ جي به گهر ڪري رهيو آهي. جڏهن ته اها ڳالهه به اسٽيبليشمينٽ کي نه پئي وڻي. پر عمران خان سان لاڳاپا خراب هجڻ سبب هو هن حڪومت مان به هٿ نه پيا ڪڍي سگهن. نواز ليگ ۾ ٻن ڌڙن جي ڪري پنجاب ۽ وفاق ۾ ڌار گروپنگ سبب صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي. پنجاب ۾ راڻا ثناءُ الله، جاويد لطيف ۽ ٻيا اسٽيبلشمينٽ خلاف ڳالهائي رهيا آهن.

نون ليگ ان سڄي اقتداري دور ۾ ڪنهن ريت به خوش ناهي ۽ اقتدار انهن لاءِ ڳچي ۾ ڪنڊن جو هار پيو ثابت ٿئي. جيئن ئي آئي ايم ايف جو نئون معاهدو ٿيندو، نوان قاعدا قانون لاڳو ٿيندا، نوان ٽيڪس لڳندا، تيئن عوام ۾ ايترو ئي ري ايڪشن وڌنڌو ۽ هنن جو ووٽ بينڪ پوري ملڪ ۾ خراب ٿيندو. ان ڪري ايندڙ 5 سالن لاءِ انهن کي ڪو وڏو سياسي فائدو نه ٿيندو. ان سڄي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي سڀني کان وڌيڪ فائدي ۾ آهي. هنن کي سنڌ، بلوچستان جي حڪومت سان گڏ ٻن صوبن جا گورنر ۽ آئيني عهدا، صدر، سينٽ چيئرمين، ڊپٽي اسپيڪر جا عهدا مليل آهن. ان ۾ ڀل حڪومت ٽُٽي وڃي پر اهي عهدا سولا ناهن ويندا ۽ 5 سال پورا ڪندا. ان ڪري هو بهتر پوزيشن ۾ آهن. سنڌ ۾ 15 سالن ۾ پيپلز پارٽي وڃائڻ بجاءِ گھڻو ڪجھ حاصل ڪيو آهي. هنن پوري سنڌ ۾ تقريبن مخالف ڌر کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، قومپرستن ۽ جي ڊي اي جي طاقت ختم ڪري ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي هر پنجن سالن ۾ سيٽون وڃائڻ بجاءِ وڌيڪ حاصل ڪري رهي آهي، اها سندن سياسي حڪمت عملي آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي ھر حالت ۾ خوش رکجي. بلوچستان ۾ وڏو وزير سرفراز بگٽي جيتوڻيڪ پي پي جي ليبل سان آهي پر اصل ۾ هو اسٽيبليشمينٽ جي اعتماد وارو ماڻهو آهي. اهڙي ريت اتي پوري حڪمراني اسٽيبليشمينٽ جي آهي. بلوچستان ۾ اڳ ۾ به ائين ھو، ھاڻي به ائين آهي.

هن وقت اسٽيبلشمينٽ جي خواھش ته آھي ته عمران خان سان لاڳاپا بهتر ٿيڻ، ڇو جو وفاقي ۽ پنجاب حڪومتن ۾ ڪو چاڙهو ناهي. پر هنن کي گارنٽي کپي ته عمران خان ٻاهر اچي اسٽيبلشمينٽ، خاص طرح ادارن خلاف ڪو گوڙ نه ڪندو، ته پوءِ هو هن لاءِ رستو ڪڍي سگهن ٿا. هن وقت مخصوص سيٽن سان گڏ فارم 45 ۽ 47 جا ڪيس به  هلڻ شروع ٿي ويا آهن. جيڪڏهن انهن جا فيصلا عمران خان جي حق ۾ اچن ٿا ته بجاءِ ڪا نئين اليڪشن ڪرائڻ جي، وفاق ۽ پنجاب ۾ خود به خود سياسي توازن تبديل ٿي ويندو ۽ ان مان گهڻو نقصان نون ليگ کي ٿيندو ۽ گهڻو فائدو پي ٽي آئي سان گڏ پيپلز پارٽي کي ٿيندو، جيڪا پنھنجا سياسي دروازا کليل رکندي آهي.