نيويارڪ ( ) آمريڪا جي معاشي مرڪز نيويارڪ رياست جي راڄڌاني البني شهر ۾ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو ويو.سنڌي گيتن تي سنڌين جهومر هنئي

سنڌي اڪيڊمڪ اينڊ ڪلچرل ايسوسيئيشن طرفان سنڌي ثقافت جي شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مختلف رياستن خاص طور نيويارڪ شهر جي آسپاس رهندڙ سنڌي فيملز وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

تقريب جي ميزباني محمد علي ڪوريجو، ذوالفقار علي ڪوريجو، ارشاد علي ڀنگر ۽ ڪاشف جلباڻي هئا. ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب نيويارڪ رياست جي راڄڌاني البني ۾ هڪ ڪميونٽي هال ۾ ٿي. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ثقافت جي مان ۾ سنڌي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پائي آيا هئا، جڏهن ته سنڌياڻين کي وري ثقافتي لباس ۽ اجرڪ پهريل هئي. اها تقريب ڄڻ هڪ عيد جو ڏهاڙو لڳي رهي هئي

تقريب ۾ سنڌي ثقافت جي لباس، اجرڪ، شال ۽ ڀرت ڀريل ڪپڙن جو اسٽال پڻ لڳايو ويو هو. موئن جي دڙي جي مورتي، لطيف سائين جي بيتن سان لکيل بينر آيلن جي آجيان ۽ شرڪت ڪندڙن جو ڌيان ڇڪرائي رهيا هئا. تقريب ۾ محمد علي ڪوريجو، غلام نبي انڙ، جسقم آمريڪا جي آرگنائيزر حبيب ڀٽو ۽ ٻين سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌ جي سياسي مسئلن تي ڳالهايو ۽ عهد ڪيو ته اسان جتي به هجون پر سنڌ اسان جي وجود ۾ وسي ٿي ۽ اسان سنڌ لاءِ وت ۽ وس آهر پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسين

تقريب جي ماڊريٽر ذوالفقار علي ڪوريجو لطيف سرڪار ۽ ٻين شاعرن جي شاعري پڻ ٻڌائي. جڏهن ته محمد علي ڪوريجو وري فنون لطيفه ۽ لطيفا ٻڌائي شرڪت ڪندڙن کي خوب کلايو. ماني کانپوءِ آمريڪا ۾ رهندڙ حيدرآباد واسي گلوڪار سني سنڌي گيتن سان محفل موسيقي جي شروعات ڪئي ۽ جيئي سنڌ-جيئي سنڌ، سنڌي ماڻهو پڌرا لکن ۾، جيئي سنڌ، جيئي لطيف، سهندو ڪير ميار او يار، سنڌڙي تي سير ڪير نه ڏيندو ۽ ٻيا قومي گيت ڳائي اجرڪ پاتل سنڌين کي رقص تي مجبور ڪيو ۽ گهور جي صورت ۾ شرڪت ڪندڙن خوب داد به ڏنو

ياد رهي ته نيويارڪ ۽ آسپاس رهندڙ سنڌي ڪميونٽي هر سال سنڌي ثقافت جو پروگرام منعقد ڪندي آهي، جنهن ۾ سنڌي پنهنجي فيملز سميت وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا آهن.