وڏي وزيرجي پرسنل سيڪريٽري جو پٽ سڏائيندڙ نوجوان گرفتار

0
219
سيڪريٽري جو پٽ سڏائيندڙ نوجوان گرفتار
وڏي وزيرجي پرسنل سيڪريٽري جو پٽ سڏائيندڙ نوجوان گرفتار

مانجهند: سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه جَي پرسنل سيڪريٽري جو پٽ سڏائي پرنسپال جي مبينا طور بدلي ڪرائڻ لاءِ فون ڪندڙ نوجوان گرفتار ٿي ويو آهي
نوجوان احسان ميمڻ تي الزام آهي ته هُن وڏي وزير جي پرسنل سيڪريٽري جو پٽ سڏائي عملدارن کي پرنسيپل جي بدلي لاءِ فون ڪيو
نوجوان تي الزام آهي ته نوجوان احسان ميمڻ سليم باجاري جو پٽ سڏائي تعليم کاتي جي عملدارن کي پرنسيپل جي بدلي لاءِ فون ڪئي
نوجوان احسان ميمڻ چيو آهي ته ڪنهن جي به بدلي لاءِ ڪنهن
آفيسر کي فون ناهي ڪئي، الزام بي بنياد آهن
پوليس موجب نوجوان احسان ميمڻ خلاف شڪايت ملي، نمبر ٽريس ڪري کيس گرفتارڪيو آهي