رڌپچاءَ جيتري به گئس ميسر ڇو ناهي؟

0
172
سرحدن تي ڇڪتاڻ ۽ حملا مڪمل بند ڪرايا وڃن

جيئن سيءُ وڌي ويا آهن تيئن سئي گئس جي لوڊشيڊنگ زور وٺي وئي آهي. اڳ ۾ ته ڪجهه ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي پر هاڻي ته خبر ئي نه ٿي پوي ته ڪيڏي مهل گئس اچي ٿي ۽ ڪيڏي مهل اها غائب ٿي وڃي ٿي. پهرين اها حالت رڳو بجلي جي هوندي هئي هاڻي ته گئس جي به اها حالت آهي گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جتي ڪيترا مسئلا پيدا ڪيا آهن اتي وڏي ۾ وڏو مسئلو اسڪول ويندڙ ٻارڙن لاءِ آهي جيڪي صبح جو گئس نه هئڻ ڪري بنا نيرن جي اسڪول هليا وڃن ٿا ۽ سڄو ڏينهن بک تي گذارين ٿا.اها حالت رڳو ننڍن شهرن يا ڳوٺن جي ناهي اتي ته اڳ ۾ ئي گئس اچڻ معجزو هوندو هو يا وري انهي جو پريشر ايترو گهٽ هوندو هو جو رڳو باهه ڏسڻ جهڙي هوندي هئي پير ان تي ڪجهه رڌپچاءَ ڪرڻ ممڪن نه هوندو هو پر هاڻي ته وڏن شهرن ۾ به اهڙي ئي حالت ڪئي وئي آهي جو ماڻهو ڪاٺيون ٻارڻ يا وري گئس سئلينڊر رکڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. عام ماڻهو يا شهري ته اڳ ۾ اهي دانهون ڪندا پئي آيا ۽ احتجاج به ٿيڻ شروع ٿيا هئا پر هاڻي ته ڳالهه وڃي عدالت تائين پهتي آهي پر حڪمرانن يا گئس انتظاميا جي ڪنن تي جونءَ به نه ٿي سري جو اهي انهي مسئلي جو ڪو حل ٻڌائين يا انهي مسئلي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سنجيده قدم کڻن. انهن وٽ اهي روايتي جواب آهن جيڪي اسان جي انتظماڪاري جو حصو ٿي ويا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ تيل ۽ گئس ڳوليندڙ ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ  ۽ پيٽروليم ليوي فنڊن مان ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ جي حوالي سان سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. ٻه ڏينهن اڳ ٻڌڻي دوران جسٽس ڪي ڪي آغا سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته سنڌ سرڪار آئين جي آرٽيڪل 158 تي عملدرآمد بابت ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي، گئس جي لوڊشيڊنگ بابت سنڌ جا ماڻهو پريشان آهن صبح جو ڪوپ چانهه جو ٺاهڻ لاءِ به گئس ناهي. گئس معاملي تي حڪومت ڪم ڇو نه پئي ڪري، ڇا سنڌ حڪومت کي عوام جي پرواهه ناهي. جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته اسان لاءِ سنڌ جي عوام پهرين آهي سنڌ حڪومت گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اهو معاملو رکي ڇڏيو آهي. ان کان وڏي بدقسمتي ۽ خراب انتظامڪاري ڪهڙي هوندي جو جيڪو صوبو سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪري رهيو آهي ان جو عوام ٻيو ته ٺهيو رڳو رڌپچاءَ جيتري گئس کان به محروم آهي.

اسان سمجهون ٿا ته جتان گئس ملي ٿي ان صوبي جي عوام جو ان تي پهريون حق آهي ۽ آئين به اهو حق ڏئي ٿو پو۽ ڪهڙو سبب آهي جو سنڌ جي عوام کي ان حق کان محروم رکيو پيو وڇي، رڳو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وڃڻ ڪافي ناهي پر ان جي پوئيواري ڪري عوام کي اهو حق وٺي ڏيڻ به سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي جنهن ڪري ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت کان جواب گهريو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 158 تي عملدرآمد لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن؟