نئين آرمي چيف جي مقرري، صدر جو ڪردار اھم

0
182
تخت لاھور جي ڪرسي ، عدليه جو امتحان

 پارليامينٽ کي ٽوڙي چونڊيل حڪومتن کي گھر ڀيڙو ڪرڻ جي حوالي سان ڊڪٽيٽر ضياءُ جو ڪارو قانون 58/2 بي جي خاتمي کان پوءِ ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي حيثيت نمائشي ٿي وئي آهي، ھڪ ڏيک وانگر آهي ته ملڪ ۾ صدر به آھي جنھن جو ڪوبه اھڙو ڪردار ناهي جيڪو وقت جي حڪومت کي ملڪي وهنوار ھلائڻ ۾ ڪا مدد يا مشورو ڏئي سگهي. ھڪ ته شھباز حڪومت پي ڊي ايم اتحاد جي شڪل ۾ وجود ۾آئي آھي اِھا حڪومت جنھن پي ٽي آئي سربراهه عمران خان کي بي اعتمادي رٿ ذريعي گھر ڀيڙو ڪري ڇڏيو اھا حڪومت صدر کا ڪيئن ٿي مشورو وٺي جيڪا ان تاڙ ۾ لڳي پئي آهي ته صدر عارف علوي کي به ھٽائي پنھنجو پسنديده صدر ايوان صدر ۾ويھاريو وڃي جيڪو حڪومت جي ھر اڇي ڪاري فيصلي  تي اکيون ٻوٽي صحيحون ڪري ڇڏي. چاھي اھو فيصلو ملڪ قوم جي مفاد وٽان ھجي يا نه ھجي، چاھي حڪومت تي ان حوالي سان تنقيد ٿيندي رهي ان جي حڪمرانن کي پرواهه ناهي ڇو ته جيڪي حڪومت ۾ شامل آهن انھن جو تعلق وڻ وڻ جي ڪاٺي وانگر آهي ليڪن ھڪ نقاطي ايجنڊا تي گڏ ٿي ويا ته عمران خان کي اقتدار مان فارغ ڪيو وڃي جيڪو فيصلو ڪامياب ٿي ويو. پر جنھن صدر وٽ ڪوبه اختيار ناهي جنھن جو ذڪر پھرين ڪيو ته ھڪ نمائشي طور تي ايوان صدر جي خوبصورت عمارت ۾ ويٺل شخص  چاھيندي به حڪومتي معاملن۾مداخلت ته ٺهيو پر ڪنھن جي بدلي مقرري به نٿو ڪري سگهي نه وري کيس اھڙو ڪو اختيار حاصل آهي کيس پٽيوالو ، چوڪيدار ، تپيدار کي مقرر ۽ تبديل  ڪرائڻ جو به اختيار ناهي، سندس ڪم صرف اھو رھيو آھي ته پرڏيهي ملڪن جي سفارتڪارن جي مقرري جو سرٽيفڪيٽ ھڪ خوبصورت تقريب ۾ شرڪت ڪري وٺي پرڏيهي آفيس جي حوالي ڪري ڇڏي يا ڪنهن تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ملي وئي ته ان ۾شرڪت ڪري پنھنجي ذھني خيالن جو اظهار ڪري باقي ان کان سواءِ ٻيو ڪو به فنڪشن ناھي رھيو. تازو ھڪ ٽي وي چينل انٽرويو ۾هن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سندس خواهش هئي ته عمران خان کيس پنھنجي ڪابينا جو حصو بنائي ھا ليڪن کيس صدر جو عھدو ڏئي ايوان صدر ۾ ويھاري ڇڏيو.

ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ جي صدر جي عھدي جي اھا حيثيت ناهي رھي جيڪو ماضي ۾ 58/2 بي اختيارن جي ڪري طاقت جو مرڪز ھوندو ھو. ملڪي معاملن تي ٽن وڏن يعني ٽرائيڪا جي حوالي صلاح مشورا ڪيا ويندا هئا جڏهن صدر ۽ وزيراعظم جي درميان اختلاف پيدا ٿي ويندا هئا ته آرمي چيف جو لاڙو ايوان صدر ڏانهن ٿي ويندو هو جنھن جي نتيجي ۾ چونڊيل حڪومتن کي گھر ڀيڙو ڪيو ويندو هو. 2008ع جي عام چونڊن کان پوءِ آصف زرداري ملڪ جي صدر جي عھدي جي ذميواري سنڀالي ورتي ته ڪنھن جي خواب خيال ۾ به نه هو ته صدر کي حاصل تمام اختيار پارليامينٽ ۽ چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيندو جنھن جو اظهار پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي آصف زرداري بغير ڪنهن جي مطالبي تي پاڻ مرادو تمام اختيار واپس ڪري ڇڏيا، ليڪن ان جي باوجود ان وقت ايوان صدر اختيارن جي حوالي سان مرڪز ان ڪري به رھيو جو هڪ ته ايوان صدر ۾ ويٺل آصف زرداري  وٽ پارٽي قيادت جو عھدو هو ٻيو سندس شخصيت جو تعلق به ھو. اختيار نه ھئڻ جي باوجود تمام فيصلا ايوان صدر ۾ ڪيا ويندا هئا. يوسف رضا گيلاني اختيار ھئڻ جي باوجود پاڻ کي بي اختيار وزيراعظم تصور ڪندو هو ليڪن ان جي  بي اختيار ھئڻ جو ان ڪري به  ذڪر نه ڪندو هو جو کيس وزيراعظم جو عهدو مخدوم امين فهيم جي مقابلي ۾ مليو هو ۽ ھن ڪنھن به حوالي سان آصف زرداري سان اختلاف پيدا ڪرڻ نه پئي چاهيو بلڪه ھر وقت اھو تاثر قائم ڪندو رھيو ته ھو سندس ڪيڏو نه فرمانبردار ساٿي آھي جنھن جي ڪري کيس سوئيس اختيارين کي خط نه لکڻ تي نه صرف وزيراعظم جي عھدي تان قرباني ڏيڻي پئي بلڪه 5 سالن تائين نااھلي جو داغ به برداشت ڪرڻو پيو ليڪن وفادار رھڻ جي ڪري آصف زرداري موجوده پارليامينٽ قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت نه ھئڻ جي باوجود کيس ڇھن سالن لاءِسينيٽر چونڊرائي ڇڏيو ۽ تازو ملتان جي قومي اسيمبلي جي ننڍي چونڊ ۾ سندس پٽ کي ڪامياب ڪرائي ورتو. مون مٿي صدر جي بي اختيار ھئڻ جي حوالي سان جيڪو ذڪر ڪيو اھو ان جو ھڪڙو پاسو ھو،

باقي جنھن ڳالهه جو اڳتي ھلي ذڪر ڪرڻ چاھيان ٿو ان جو بنيادي سبب به صدر کي ھڪ اھڙو اختيار حاصل آهي جيڪو ڪنھن جي ذھن گمان ۾ به ناهي. ھن وقت نئين آرمي چيف جي مقرري اليڪٽرانڪ ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ تجزيا نگارن جي تبصرن ،گفتگو جو موضوع بڻيل  آهي ان کان سواءِ ملڪ ۾ ڄڻ ٻيو ڪوبه مسئلو ناهي باقي تمام مسئلا حل ٿي ويا آهن رڳو نئين آرمي چيف جي مقرري جو فيصلي جو اعلان ڪرڻ  رھجي ويو آهي. نئين آرمي چيف جي مقرري ۾ صدر جي عھدي جي حيثيت جو ذڪر ڪرڻ جو مقصد  ان حوالي سان انتھائي اھم آھي ڇو ته ھڪ ته صدر سروسز چيف جو سپريم ڪمانڊر پڻ آهي. وزيراعظم شھباز شريف نئين آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو ڪري باضابطا طور تي حتمي منظوري لاءِ نالو صدر عارف علوي ڏانهن موڪليندو جنھن جي حتمي منظوري صدر ڏيندو جنھن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري اعلان ڪيو ويندو. ھاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته صدر عارف علوي ڪھڙي به حوالي سان وزيراعظم شھباز شريف پاران موڪليل نالي تي اعتراض لڳائيندي سمري تي اھو لکي ڇڏي  ته وزيراعظم پنھنجي ڪيل فيصلي تي نظرثاني ڪري 14 جي اندر کيس ٻيھر سمري موڪلي ته ان سان حڪومت ۽ ايوان صدر جي درميان ڊيڊلاڪ پيدا ٿي سگهي ٿو، اھڙي امڪان کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي بلڪه ملڪ جي اندر بحراني ڪيفيت پيدا ٿي سگهي ٿي جنھن جو ذڪر حڪومتي سطح تي ڳجھ ڳوهه ۾ ڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان وزيراعظم شھباز شريف پنھنجي ويجھن ساٿين سان مشاورت پڻ ڪئي آهي ته جيڪڏهن اھڙي صورتحال پيدا ٿئي ته ان لاءِ فوري طور تي ڪھڙو قدم کڻي سگھجي ٿو. ان ڪري حڪومتي سطح تي اھي مشورا ڪيا پيا وڃن ته صدر عارف علوي کي پرڏيهي دوري تي موڪلي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي وقتي صدر جي ذميواري ڏياري نئين آرمي چيف جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرايو وڃي يا وري اسٽيبلشمينٽ جي طاقتور قوتن کان مدد ورتي وڃي جيڪي صدر عارف علوي کي اعتراض نه لڳائڻ تي اڳواٽ اعتماد ۾ وٺي ڇڏن ان کان سواءِ باقي ٻيو ڪوبه رستو ناهي جيڪو اختيار ڪجي. جيڪڏهن واقعي صدر عارف علوي اھڙو فيصلو ڪري ڇڏي ٿو ته اھو به ملڪي تاريخ ۾پھريون ڀيرو ھوندو ڇو ته ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به ان حوالي سان ڪو مثال نٿو ملي.

ان جو بنيادي سبب ھڪ ته 2008ع کان پھرين آرمي چيف جي مقرري به ٽرائيڪا ،ٽن وڏن جي مشوري سان ٿيندي هئي جڏهن کان ٽرائيڪا جو تصور ختم ٿي ويو ان وقت کان اختيارن جو توازن به برقرار ناهي رھيو جنھن جو نتيجو ھن وقت ملڪ جي حالتن مان لڳائي سگھجي ٿو. پي ٽي آئي سربراهه عمران خان خاموش ويھڻ جي لاءِ تيار ناهي حڪومت سان گڏ اسٽيبلشمينٽ کي للڪاري رهيو آهي حڪومت جي تمام تر ڪوششن جي باوجود کيس گرفتار ناهي ڪري سگهي. باقي کيس ھر روز عدالتن مان عبوري ضمانتون ڪرائڻ ۾ کيس چڪر لڳرائي ٿڪائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنھن جو ذڪر عمران خان جلسن ۽انٽرويو ۾ ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته عمران خان به آزادي لانگ مارچ ۾ نئين آرمي چيف جي مقرري جي ڪاميابي ڏسڻ چاھي ٿو ان ڪري ڪجھه ڪلاڪن جي سفر کي ايتري ڊيگھه ڏئي ڇڏي آهي جنھن جو ذڪر شيخ رشيد ڪري ڇڏيو آهي ته عمران خان ڪجهه حاصل وٺندو. ليڪن منھنجي خيال ۾ صدر عارف علوي جو نئين آرمي چيف جي مقرري ۾ اھم ڪردار آھي جنھن جي فيصلي جي نتيجي ۾ ڪجهه به ٿي سگھي ٿو.