پنڊي کان لنڊن تائين گڏجاڻيون

0
154
پنڊي کان لنڊن تائين گڏجاڻيون

 عمران خان پنهنجي لانگ مارچ جي شروعات ساڳئي وزير آباد واري علائقي کان ئي ڪري ڇڏي آهي جتي هو زخمي ٿيو هو پر هن ڀيري لانگ مارچ ۾ ڪپتان پاڻ نه هوندو لانگ مارچ جي قيادت شاهه محمود قريشي ته ڪڏهن اسد عمر ڪندا. عمران خان پاڻ وڊيو لنڪ ذريعي لانگ مارچ کي خطاب ڪندو رهندو. جڏهن ته لانگ مارچ جي قيادت تڏهن ڪندو جڏهن لانگ مارچ راولپنڊي پهچندو. هاڻي بنيادي سوال ئي اهي آهن ته لانگ مارچ راولپنڊي پهچندو به يا نه اهو سوال به پڇيو پيو وڃي ته لانگ مارچ راولپنڊي ڇو پهچندو، ان کان اڳ ته اسلام آباد جو ذڪر بار بار ٿي رهيو هو. هاڻي بار بار ذڪر راولپنڊي پهچڻ جو ڇو ٿي رهيو آهي. عمران خان جي اهڙي لانگ مارچ جي شروعات جيترو جلدي ٿي هئي جنهن وقت ارشد شريف جو واقعو ٿيو هو ان ڏينهن کان ئي ڪنهن کي به خبر نه هئي ته لانگ مارچ اسلام آباد ڪڏهن پهچندو اهو سوال هينئر تائين ڪنهن کي به خبر ناهي ان ڪري جو جن لانگ مارچ جي شروعات ڪئي آهي اهي به چاهين ٿا ته لانگ مارچ اسلام آباد پهچڻ کان اڳ ئي منطقي انجام تي پهچي.

عمران خان جنهن کي منطقي انجام سمجهي ٿو ان جو مقصد آهي ته عمران خان کي ئي وزيراعظم جي حيثيت ۾ تصور ڪيو وڃي، مثال طور جيڪڏهن چونڊون ٿين به ته ان جو مقصد  ۽ نتيجو عمران خان جي حق ۾ اچي، ٻي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن کان ويندي موجود حڪومت ناقابل قبول هوندي. عمران خان پنهنجي ذهن ۾ اهو تصور ڪري ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو يا ڪري ٿو جنهن ۾ پي ڊي ايم وارا نه هجن هو مخاطب به پنڊي وارن سان ٿي رهيو آهي. هاڻي راولپنڊي ۾ اهڙي ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي آهي جنهن جو بيان هينئر تائين جاري ناهي ٿيو پر چون ٿا ته اهڙي ڪانفرنس ڊگهي ٿي آهي جڏهن ڪانفرنس ڊگهي ٿي هجي ته ان جا موضوع به مختلف هوندا. اهو به سوچڻ جو سوال آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ان کان اڳ پريس ڪانفرنس ٿي چڪي هئي اها به غير معمولي پريس ڪانفرنس هئي. ان پريس ڪانفرنس کانپوءِ اهو سوچيو پئي ويو ته اها ته حد ٿي وئي اها پريس ڪانفرنس ڪور ڪندڙ صحافي به حيران هئا ته ڊي جي آءِ ايس آءِ ڪيئن پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي. اداري جو سربراهه پاڻ پريس ڪانفرنس ڪرڻ ضروري سمجهيو ته ان جو مقصد اهو ورتو ويو ته هاڻي ان کان پوءِ ته ڪجهه باقي نه ٿو رهي پر معاملو ان پريس ڪانفرنس سان به حل نه ٿيو. جنهن کانپوءِ هاڻي ڊگهي ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي آهي جنهن وقت ۾ هي ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي رهي هئي انهن ئي ڪلاڪن اندر شهباز شريف غير ملڪي دورو ڪري رهيو هو جنهن پاڻ مصر کان واپسي جو ٽوئيٽ به ڪيو ته پاڪستان واپس اچي رهيو آهيان پر خبر پئي ته شهباز شريف لنڊن وڃي پهتو جتي به اهم گڏجاڻي ڊگهي گڏجاڻي وقفي وقفي سان ٿي آهي.

 هاڻي هر شخص وٽ اهو سوال آهي ته لنڊن ۾ ڇا طئه ٿيو آهي ته ساڳئي وقت ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ڇا فيصلا ٿيا ڇو جو ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ به نه رڳو لانگ مارچ شروع ٿيو پر عمران خان جا الزام به ساڳيا رهيا. ان وچ ۾ وزير آباد واري واقعي ته معاملي کي ان سطح تي پهچائي ڇڏيو آهي  جتي ڪنهن کي به خبر نه ٿي پوي ته ڪهڙي موضوع کي چئجي ته هي ڳالهه هاڻي پراڻي ٿي وئي آهي هونئن ته آرمي چيف الوداعي ملاقاتون به شروع ڪري ڇڏيون آهن پر ان جي باوجود چون ٿا ته سياسي ميٽنگز ۾ آرمي چيف الوداعي ملاقاتون به شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان جي باوجود چون ٿا ته سياسي ميٽنگز ۾ آرمي چيف کي ايڪسٽينشن ڏيڻ جو موضوع بحث هيٺ آهي، نئين چونڊ وارو بحث به هلندڙ آهي نواز شريف به چوي ٿو ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿيڻ کپن پر عمران خان چاهي ٿو ته آرمي چيف جي فيصلي کان ويندي نئين چونڊ تائين سمورا فيصلا هن سان بحث ڪيا وڃن. هاڻي جڏهن پنجاب ۽ ڪي پي  ۾ گورنر راڄ جو سوال اچي ٿو ته ان کي مذاق ۾ ورتو وڃي ٿو ته معاملو اتي اچي پهتو آهي جو سوال اهو ٿي رهيو آهي ته جمهوريت به برقرار رهندي يا نه اتي گورنر راڄ جا سوال ئي اجايا آهن هونئن به هن مارچ کان اڳ ئي خوني مارچ ۽ خوني انقلاب جا جملا پي ٽي آءِ وارا پاڻ ئي ورجائيندا رهيا آهن.

 هن ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي اندر اهي لقاءَ به سامهون آيا هوندا ته عمران خان تي حملي کانپوءِ جنهن قسم جو احتجاج ٿيو آهي اهو ڪيترو قابل قبول هوندو جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر جي آفيسن آڏو احتجاج جا منطر سامهون آيا آهن عمران خان کي هن ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس کانپوءِ يا ان کان اڳ جڏهن لاهور ۾ اهي سوال ٿيا آهن ته آرمي چيف جي مقرري تي توهان ڇا چوندو ته ڪڏهن عمران خان چوي ٿوي ته اهو ملين ڊالر جو سوال آهي ته ڪڏهن چوي ٿو ڪنهن کي به ڪري ڇڏين مون کي ان جو فڪر نه آهي. ان کان اڳ هو چوندو رهيو آهي ته شهباز شريف وارن کي آرمي چيف نه لڳائڻ گهرجي هر طرف هاڻي مونجهاري واري صورتحال آهي. ان وچ ۾ سعودي عرب جي قيادت به 21 نومبر تي اچي رهي آهي رڳو سعودي عرب جي قيادت جي اچڻ جو مقصد آهي ته ملڪ معاشي استحڪام جي رستي تي اچي سگهي ٿو ان ئي هفتي ۾ آرمي چيف جي مقرري واري سمري به آخري مرحلي ۾ هوندي.

 جيڪڏهن عمران خان جو لانگ مارچ هليو ته اهو به پنڊي پهچندو ان وچ ۾ ڇا عمران خان ان پوزيشن ۾ هوندو ته شهباز شريف سان مهاڏو اٽڪائڻ کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ کي للڪار ڪرڻ کان ويندي سعودي عرب جي قيادت جي اچڻ دوران ڌرڻو هڻي ويهي رهي، اهو خود  ته ڇا عمران خان جي پارٽي به ايئن ڪرڻ تي راضي ٿي سگهي ٿي؟ اهو به چيو پيو وڃي ته جيڪي فيصلا ٿيڻا آهن راولپنڊي واري ڪانفرنس کان ويندي لنڊن واري ملاقات ۾ ٿي چڪا آهن انهن فيصلن جي خبر به عمران خان تائين به پهتي هوندي. هاڻي ايندڙ ڏينهن ۾ ڏسجي ته عمران خان جو لانگ مارچ ڪپتان کان سواءِ ئي هلندو رهي ٿو يا اهو پرامن طريقي سان پنهنجي منطقي انجام تي پهچي ٿو.

جيڪڏهن عمران خان پنهنجي لانگ مارچ کي پرامن طريقي سان منطقي انجام تائين پهچائڻ واري نقطي کي تسليم ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ذهن تي اهي سوال حاوي رکي ٿو ته هن وقت به آرمي چيف جي مقرري کان ويندي نئين چونڊ تائين سمورا فيصلا لنڊن ۾ ويٺل نواز شريف ئي ڪري رهيو آهي جنهن کي عمران خان پاڻ ئي ملڪ کان ٻاهر موڪليو هو ته اهو سوال عمران خان لاءِ برداشت کان چڙهيل هجي پر هن سڄي معاملي ۾ عمران خان کي ڳالهين ۾ ڪجهه ملندي نظر نه ٿو اچي. آرمي چيف به چاهي ٿو ته سندس آخري مهينو الوداعي ملاقاتن سان تاريخ رقم ڪري پر ان وچ ۾ عمران خان جيڪڏهن لانگ مارچ واري ڪارڊ کي هر صورت ۾ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته پوءِ جو نتيجو گرفتارين کان ويندي ان حد تائين پهچي سگهي ٿو جنهن لاءِ خواجه آصف چوي ٿو ته مارشلا جهڙا معاملا بلڪل ناهن پر باوجود ان جي ان سوال تي به ملڪ ۾ بحث ٿي رهيو آهي.