مڇر ڪالوني واقعي خلاف سنڌ سراپا احتجاج: قاتلن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو

0
240
مڇر ڪالوني واقعي خلاف سنڌ

ڪراچي: مڇر ڪالوني ۾ جنوني هجوم هٿان قتل ٿيل ٻن سنڌي نوجوانن جي خون سان انصاف لاءِ سڄي سنڌ  ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جساف، ايس يو پي ۽ ٻين پارٽيز جي ڪارڪنن توڙي عام شهرين احتجاجي مظاهرا ڪري نعريبازي ڪئي

حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڏهرڪي، نيو سعيد آباد، ڪنڌڪوٽ، خيرپور، عمرڪوٽ، دادو، مٺياڻي ۽ ميهڙ ۾ ريليون ڪڍي مظاهرا  ڪيا ويا

ڪوٽڙي، ڪشمور، گولاڙچي، رتوديرو، نوابشاهه، هالا، ٺل، ڪنري، ڪنڊيارو،  فيض گنج، ميرو خان، باڊهه ۾ به  احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

اڳواڻن چيو ته مڇر ڪالوني واقعو انسانيت جي  تذليل آهي، سمورن جوابدارن کي  عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي

ھي به پڙھندا

مڇر ڪالوني واقعي ۾ ڪيترا جوابدار گرفتار ٿيا؟ آءِ جي سنڌ ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جو قتل: احتجاج ڪندڙ قومپرست اڳواڻن سوڌو 200 ماڻھن تي ڪيس داخل