ڪراچي ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جو قتل: احتجاج ڪندڙ قومپرست اڳواڻن سوڌو 200 ماڻھن تي ڪيس داخل

0
261

ڪراچي: ڪراچي ۾ جنوني هجوم هٿان ٻن نوجوانن کي بي دردي سان قتل ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندڙ قومپرست اڳواڻن سميت 200 ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

آرٽلري ميدان ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ ملڪي سلامتي ادارن خلاف نعريبازي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

مڇر ڪالوني واقعي ۾ گرفتار 13 جوابدارن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو آھي

پوليس اعليٰ اختيارين کان جوابدارن خلاف فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ جي به اجازت گهري ورتي آھي

 پوليس جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ رهندڙ 80 سيڪڙو بنگالين وٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه آهن

پوليس موجب اعليٰ اختيارين طرفان اجازت ڏيڻ بعد گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

مڇر ڪالوني ۾ قتل ٿيل 2 نوجوان شهيد قرار: 50-50 لک معاوضي جو اعلان

ڪراچي ۾ شهرين هٿان تشدد ڪري ماريل 2 ڄڻا موبائيل ڪمپني جا ملازم نڪتا