مڇر ڪالوني واقعي ۾ ڪيترا جوابدار گرفتار ٿيا؟ آءِ جي سنڌ ٻڌائي ڇڏيو

0
244
جاچ آفيسرن جي ڪوتاهي تي ڪاوڙ: آءِ جي سنڌ جي طلبي
جاچ آفيسرن جي ڪوتاهي تي ڪاوڙ: آءِ جي سنڌ جي طلبي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته اڄ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ مون کي ۽ ڊي آءِ جي کي گھرايو ھو، مڇر ڪالوني معاملي بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي آھي

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته واقعي ۾ 15 جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪيو آھي، چئن جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي وئي، جن کي عدالت ۾ به پيش ڪيو ويو آھي، باقي جوابدارن جي جاچ جاري آھي

 آءِ جي سنڌ چيو ته مون کي جيڪا معلومات آھي پيش امام جو رول پازيٽو ھو، هن ماڻھن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جن وٽ شناختي ڪارڊ ناھن اھي پاڪستاني ناھن انھن جي خلاف الڳ سان ڪارروائي ڪئي ويندي

هن چيو ته احتجاج جو حق سڀني کي آھي پر جيڪو قانون جي خلاف ڳالهه ڪندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويند، پوليس جو ڪم عوام کي جان مال جي حفاظت ڪرڻ آھي، جيڪو پوليس آفيسر ڪم نه ڪندو ان کي سزا ڏني ويندي

هن چيو ته عوام پنھنجي ڪمرشل جڳھن تي سي سي ٽي وي ڪئميرا لڳائي مشڪوڪ ماڻھن کي ڏسي پوليس کي اطلاع ڪري،  جيڪو به واقعو ٿئي ٿو پوليس ان جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ٿي پر ڪارروائي ڪرڻ ۾ ٿورو ٽائيم لڳي وڃي ٿو

هن چيو ته اسلام آباد لانگ مارچ ۾ ھڪ به پوليس اھلڪار ٿاڻي جو ناھي ويو، ھي ٽريننگ سينٽر وارا اھلڪار اسلام آباد ويا آھن

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جو قتل: احتجاج ڪندڙ قومپرست اڳواڻن سوڌو 200 ماڻھن تي ڪيس داخل

مڇر ڪالوني واقعو: آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ڏکڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش