عمران خان، عدليه، اسٽيبلشمينٽ ۽ ميڊيا کي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿو:صوبائي وزير

0
238

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني ۽ ناصر شاهه چيو آهي ته عمران خان، عدليه، اسٽيبلشمينٽ ۽ ميڊيا کي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿو، ڪڏهن خوني انقلاب ۽ ڪڏهن وري مارشل لا جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان جو مستقبل اونداهون آهي

ڪراچي ۾ گڏيل طور پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته ڪالهه هڪ شخص ملڪ ۾ مارشل لا ۽ خوني انقلاب جي ڳالهيون ڪيون آهن، هن جو چهرو مايوس ۽ بيڪار قسم جون ڳالهيون ڪري رهيو هو، خوش قسمتي سان هن وقت ماضي جي اسٽيبلشمينٽ آزاد ڪردار ادا ڪري رهي آهي

هنن چيو ته ملڪ ۾ بدقسمتي سان اهڙو فتنو آيل آهي جيڪو ماڻه کي ورغلائي ۽ غير آئيني ڪرادر ادا ڪرڻ ۽ کيس کٽرائڻ ۽ مخالفن کي جيل ۾ وجهڻ جي خواهش رکي ٿو

هنن چيو ته جڏهن بلاول هن کان چونڊ جو مطالبو ڪندو رهيو ته ان وقت هو اليڪشن ڪرائي سگهيو پئي پر نه ڪرايو

صوبائي وزيرن چيو ته جنهن ڏينهن هن کان اختيار نڪري ويا ۽ پارليمنٽ مان نڪتو آهي ته اليڪشن جي گهر ڪري رهيو آهي، هن کي اليڪشن جو شوق آهي ته پنجاب ۾ چونڊن جو اعلان ڇو نٿو ڪري

هنن چيو ته ادارا جڏهن غير سياسي ٿي رهيا آهن ته عمران خان انهن تي تنقيد ڪري پريشر وجهي رهيو آهي، کيس آئيني طور ڪڍيو ويو هو ، هاڻي وائڙو ٿي ويو آهي

هنن چيو ته هي ڪڏهن مارشل لا ۽ ملڪ ٽٽڻ جي ڳالههه ڪندو آهي، هن کي پاڪستان سان نه اقتدار سان پيار آهي، هن سان ضياءَ جي پٽ جهڙا گڏ رهيا آهن جيڪي آمرن سان به گڏ رهيا آهن

هي لانگ مارچ نه الو مارچ آهي، هي چوي ٿو اسان غلام آهيون ڇا، اسان چئون ٿا اسين پاڳل آهيون ڇا، هن سان الائي ڇو لاڏلي واري ٽريٽ ڪئي پئي وڃي، هن مان  هٿيارن جون ڳالهيون پيون سامهون اچن

هنن چيو ته فيصل واوڊا سچو پاڪستاني آهي جنهن درست ڳالهيون ڪيون آهن، لانگ مارچ ناڪام ٿيندو، جڏهن ٽرڪ واپس ڪراچي پهچندو ته خالي هوندو

ھي به پڙھندا

عمران خان جو مقصد اليڪشن نه پر رتو ڇاڻ ۽ مارشل لا لڳرائڻ آهي: وفاقي وزير