پاڪستان ۾ هر سال 5 لک کان وڌيڪ ٻارڙا زيادتي جو نشانو بڻجڻ ٿا: رپورٽ ۾ انڪشاف

0
215
متاثر نينگري جوابدارن جي سڃاڻپ
گينگ ريپ: متاثر نينگري جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري ورتي

ٻارن جي بيمارين جَي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سال  ساڍا 5 لک ٻار جنسي زيادتي جو شڪار ٿين ٿا، جن مان پر رڳو ڪجهه سئو ڪيس ئي داخل ٿين ٿا

سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر نعيم ظفر چيو ته جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿيندڙن ۾ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ٻئي آهن، ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندڙ جنسي زيادتي جا واقعا انهن ساڍا پنج لک ٻارن جو ڪجهه حصو مس آهن

ڊاڪٽر نعيم ظفر موجب ٻارن سان جنسي زيادتي جا واقعا خوفناڪ آهن، بدقسمتي سان اِنهن واقعن تي ڪير ڳالهائڻ پسند نٿو ڪري، پاڪستان ۾ قانون ته موجود آهن پر اُنهن تي عملدرآمد ناهي

ٻئي طرف ڊاڪٽر طفيل محمد چيو ته اڪثر ٻار گهر ۾ جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿين ٿا، گهرن مان فرار ٿيندڙ ٻارن جو استحصال ڪيو ويندو آهي

ڊاڪٽرن چيو ته پاڪستان ۾ هر 6 مان هڪ ٻار جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائي ويندي آهي، 46 لک ٻارڙن جي شادي 15 سال کان گهٽ عمر  ۽ هڪ ڪروڙ 90 لک ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي شادي 18 سال کان به گهٽ عمر ۾ ٿي ويندي آهي

ھي به پڙھندا

ڪراچي: ٻوڏ متاثر ٻارڙيءَ سان گينگ ريپ: 5 جوابدار گرفتار، ڊي اين اي جزا ورتا ويا

ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثر نينگري سان گينگ ريپ جي تصديق