ڪراچي: ٻوڏ متاثر ٻارڙيءَ سان گينگ ريپ: 5 جوابدار گرفتار، ڊي اين اي جزا ورتا ويا

0
247

ڪراچي: ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثر ٻارڙيءَ سان اجتماعي زيادتي واري واقعي ۾ گرفتار 5 جوابدارن جا ڊي اين اي جزا ورتا ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙيءَ کي ٻن کان وڌيڪ جوابدارن زيادتي جو نشانو بڻايو

 فورينزڪ رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ حقيقتن جي خبر پوندي، ڳڙهي ياسين واسڻ ٻارڙي ٻوڏ ۾ گهر تباهه ٿيڻ بعد والده سان گڏ ڪراچي آئي هئي

پوليس موجب  اڻڄاتل ماڻهو ٻارڙي کي راشن ڏيڻ بهاني ڪار ۾ ويهاري کڻي ويا، طبي معائني ۾ ٻارڙيءَ سان اجتماعي زيادتي جي تصديق ڪئي وئي ھئي

وڏي وزير پاران نوٽيس وٺڻ بعد ايس ايس پي ڏکڻ جي سربراهي ۾ خصوصي ٽيم قائم ٿي وئي آھي، وڏي وزير جي هدايت تي متاثر ٻارڙيءَ جا وارث وومين ٿاڻي تي منتقل ڪيا ويا ھئا متاثر ٻارڙي جو اسپتال ۾ علاج جاري آھي

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثر نينگري سان گينگ ريپ جي تصديق

جاتي ۾ گينگ ريپ جو شڪار ناري جي ڪيس ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيا، ريلي

آمريڪي سياح سان مبينا گينگ ريپ واقعي بابت رپورٽ ڪمشنر حوالي