سنڌ جي عوام کي آزادي ڏياريندس: عمران خان

0
366

گجرانوالا: پاڪستان تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ گجرانوالا پهتو آهي، جتي ڪارڪنن کي خطاب دوران عمران خان چيو آهي ته نوازشريف وطن واپس اچي کيس سندس تڪ ۾ ئي شڪست ڏيندس

عمران خان چيو ته نوازشريف ملڪ واپس اچي ته کيس شاندار آجيان ڪندي اڊيالا جيل اماڻينداسين

هن چيو ته پي ٽي آءِ کي اسٽيبلشمينٽ خلاف بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان ادارن سان جنگ نه ٿا چاهيون، نواز شريف ۽ آصف زرداري جهڙا سياستدان مفادن لاءِ ادارن کي داءُ تي لڳائي رهيا آهن

عمران خان آصف زرداري کي به چئلينج ڪندي چيو ته تياري ڪري ڇڏ، لانگ مارچ کانپوءِ اسان جو رخ سنڌ ڏانهن آهي، سنڌ جو عوام ٻين صوبن کان وڌيڪ غلام آهي، سنڌ کي آزاديءَ جي وڌيڪ ضرورت آهي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي عوام کي آصف زرداري کان آزادي ڏياريندي

ھي به پڙھندا

انهن سان ڳالهيون ڪيون جن سان ملڻ لاءِ شھباز گاڏي جي ڊگي ۾ ويندوھو:عمران خان جو وزيراعظم کي جواب

عمران خان جو مقصد اليڪشن نه پر رتو ڇاڻ ۽ مارشل لا لڳرائڻ آهي: وفاقي وزير