عمران خان جو لانگ مارچ گوجرانوالا مان ٻاهر نه نڪرندو: راڻا ثناءُ الله

0
204
اسلام آباد: 33 جوابدار فوجي عملدارن حوالي: 6 ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائي سگهجن ٿا:گهرو وزير
اسلام آباد: 33 جوابدار فوجي عملدارن حوالي: 6 ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائي سگهجن ٿا:گهرو وزير

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جو لانگ مارچ گوجرانوالا مان 6 ڏينهن تائين ٻاهر نه نڪرندو، بندوقن جون ڳالهيون ڪندڙ اڳتي وڌڻ لا تيار نه آهن
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته فيصل واوڊا کي پارٽي مان ڪڍڻ عمران خان جو ڊرامو آهي، واوڊا عمران خان جي چوڻ تي ئي پريس ڪانفرنس ڪئي
هن چيو ته اڳ به چيو هو ته هي لانگ مارچ فسادي مارچ آهي، رتوڇاڻ ۽ جنازن جي ڳالهه حڪومت کي ڊيڄارڻ لاءِ ڪئي وئي
راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان سان ڪنهن به هنڌ تي ۽ ڪنهن به سطح تي ڳالهيون نه پيون ٿين، اسلام آباد ۾ جٿا پهتا ته انهن جي سٺي خدمت ڪنداسين
وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته عمران خان جو مارشل لا وارو بيان مذمت جوڳو آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي عوام کي آزادي ڏياريندس: عمران خان

عمران خان جو مقصد اليڪشن نه پر رتو ڇاڻ ۽ مارشل لا لڳرائڻ آهي: وفاقي وزير

امريڪا عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ جو الزام ٻيهر رد ڪري ڇڏيو