ملڪ نوٽ (ڪرنسي) ڇاپي غربت ڇو نٿا ختم ڪن ؟ … ٫٫ ع لي٫٫

0
121

ڪو به ملڪ نوٽ ڇاپي مھانگي ختم نٿو ڪري جيڪڏھن ايئن ڪيو ته مھانگائي تمام گھڻي وڌي ويندي،

پئسن جي اھميت

ڪنھن به ملڪ جي ڪرنسي جي اھميت اتان جي حڪومت ڏيندي آھي نه ته نوٽ رڳي ڪاغذ جو ٽڪرو آھي

مثال وٺو توھان دنيا جي ڪنھن سياري تي آھيو جتي توھان وٽ ارب رپيا آھي اتي اھا ڪرنسي نه ھلي ٿي نه ئي ڪم جي آھي سواءِ ڪاغذ جي ٽڪرن جي، ان ڪري حڪومتون يا ملڪ ان ڳالھه جي ضمانت ڏيندا آھن ته ھن نوٽ سان ڪاروهنوار ھلائي سگھو ٿا حڪومت يا ملڪ ان ڳالھه جي ضمانت ڏين ٿا ان حساب سان نوٽ جي ويليو يا اھميت جو تعين ڪيو ويندو آھي

ڪرنسي ڇاپڻ سان مھانگائي ڪيئن وڌندي ؟

ڪرنسي وڌيڪ ڇاپڻ سان مھانگائي ان ڪري وڌندي جو ماڻھن وٽ نوٽ گھڻا ھوندا ۽ شيون گھٽ ھونديون شين جي کوٽ پوندي ته شيون مھانگيون ٿي وينديون مطلب نوٽن جي اھميت ڪري پوندي ۽ شين جي اھميت وڌي ويندي

ڪرنسي ڪڏھن ۽ ڇو ڇاپيندا آھن ؟

 ملڪ پنھنجي ذخيرن ۽ شين کي ڏسي نوٽ ڇاپيندا آھن جيئن ڪرنسي جي اھميت نه گھٽجي وڃي

مثال طور: بازار ۾ ٽماٽو تمام گھڻو آھي ته ٽماٽو 5 رپيا ڪلو ٿو ملي جڏھن ٽماٽو مارڪيٽ ۾ صفا گھٽ آھي ته ٽماٽو 4 سئو رپيا ڪلو ٿو ملي، مطلب مارڪيٽ جي گھرج ھوندي آھي جيڪا شي گھڻي مقدار ۾ ھوندي آھي ان جي ويليو يا اھميت گھٽ ھوندي آھي

نوٽ ڇاپڻ جا تجربا ھنگري ۽ زمبابوي ڪري چڪو آھي زمبابوي ته ھڪ ارب رپيو جو به نوٽ ڇاپيو ھيو پوءِ به مھانگائي کي ختم نه ڪري سگھيو . (فيس بوڪ تان ورتل)