سوال/سروي … عمران خان گرفتار نه ٿيندو، پي ٽي آءِ پاڻ جيڪو ٻين سياستدانن سان ڪيو هاڻ اهو ئي ان سان ٿئي پيو: عوام

0
172

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عمران خان جي گرفتاري جو خدشو، فواد چوڌري ۽ سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جو قومي اسيمبلي مان صفايو، ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون آهن، ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عمران خان کي گرفتار نه ڪندا، نه ئي کيس گرفتار ڪري سگهندا، امپورٽڊ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، وفاقي حڪومت عوام جا لاھ ڪڍي ڇڏيا آھن مھانگائي ڪري ھن حڪومت ۾ پيٽ پالڻ ڏکيو ۽ موت تمام سستو ٿي ويو آھي، پاڪستان جي سياست کان هٽي ڪري سڀني کي گڏ ھلڻو پوندو ملڪ تمام ڏکئي وقت مان گذري رهيو آھي خدارا مسڪين عوام تي رحم ڪيو، ملڪي حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن، اهو به چيو ويو ته عمران خان جي حڪومتي دور ۾ راڻا ثناءُالله، مريم نواز، آصف زرداري، فريال ٽالپر کان ويندي اهم سياستدان گرفتار ڪيا ويا هئا، هاڻ اهو ڪم عمران سان ٿي رهيو آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مراد علي  جمالي لکيو ته عمران خان کي گرفتار ڪونه ڪندا باقي فواد چوڌري ڪجهه ڏينهن جيل جي ھوا کائيندو سواتي وانگر، موجوده حڪومت به سٺو ڌٻڻ ۾ ڦاٿي آهي پي ٽي آءِ وارا به قومي اسيمبلي مان استعيفا ڏئي پاڻ کي آزاد پيا سمجهن پراھي به غلط پيا ڪن ملڪي حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن، غلام قادر ڀنڊ لکيو ته ھي ڇا به ڪن عمران خان کي گرفتار ڪونه ڪري سگھندا عمران خان پاڪستان جو ترجمان آھي امپورٽڊ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي،  رياض احمد جانيارو لکيو ته اسان جي سوچ مطابق ھڪ ماڻهو آهي جيڪو پاڪستان ۽ امت مسلمه جي بقا جي جنگ وڙھي رھيو آھي اھو ماڻھو عمران خان آھي ۽ ٻيا سڀ حڪمران چور ڪرپٽ ۽ عوام جي وسيلن تي قابض نااهل ماڻهو آهن. ثناءُالله چنا لکيو ته پاڪستان جي سياست مطلب هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ جنهن جي حڪومت اهو ڏاڍو باقي سڀ هينڻا جيڪو عمران خان اپوزيشن وارن سان ڪيو سو هاڻي وري هي ان سان ڪن ٿا. الطاف بلوچ لکيو ته پاڪستان جي سياست کان هٽي ڪري سڀني کي گڏ ھلڻو پوندو ملڪ تمام ڏکئي وقت مان گذري رهيو آھي خدارا مسڪين عوام تي رحم ڪيو، علي محمد سمون لکيو ته ھي ڇا به ڪن عمران خان کي گرفتار ڪونه ڪري سگھندا عمران خان پاڪستان جو ترجمان آھي امپورٽڊ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي؟ چور حڪمران نامنظور، احسان لغاري لکيو ته عمران خان گرفتاري پيش ڪونه ڪندو عمران خان پاڪستان جو ترجمان آھي وفاقي حڪومت عوام جا لاھ ڪڍي ڇڏيا آھن مھانگائي ڪري ھن حڪومت ۾ پيٽ پالڻ ڏکيو ۽ موت تمام سستو ٿي ويو آھي، محمد مينهل مڱريو لکيو ته ملڪي سياست ۾ افراتفري آهي، رزاق عاصي لکيو ته موجوده حڪومت لاءِ ته چوڻ وارا چيئي رهيا آهن ته اهي انتقامي ڪارروايون آهن، پر اسان ويجهي ماضيءَ ۾ عمران خان جي حڪومتي دور ۾ جهاتي پايون ٿا ته راڻا ثناءُالله هيروئن ڪيس ۾ اسان کي جيل ۾ نظر آيو، مريم نواز ۽ سندس ور کي ڪراچي جي هڪ پنج تارا هوٽل مان ڪمري جو در ٽوڙي حراسان ڪري ڪيپٽن (ر) صفدر کي گرفتار ڪيو ويو، آصف زرداري، فريال ٽالپر کان ويندي اهم سياستدان کي جيل جي هوا کارائي وئي هئي، کير ڪير جا ڌوتل اهي به ڪو نه هيا، انهن مٿان به ڪيس هئا ۽ آهن جنهن جو فيصلو پڻ عدالتن کي ڪرڻو آهي، اعظم سواتي، شهباز گل کان شروع ٿيندڙ گرفتاريون جو سلسلو فواد چوڌري تائين پهتو آهي جيڪو عمران خان جي گرفتاري تي دنگ ڪندو پر فرق اهو آهي ته عمران حڪومت ۾ ڄاڻايل گرفتاريون تمام تيزي سان جاري رهيون پر هاڻوڪي وفاقي حڪومت اهو ڪم تمام آهسته هلي رهيو آهي، جيڪي ڪيس داخل ٿين پوليس گرفتاريون ڪري رهي آهي ۽ نگران صوبائي حڪومت جي صوبي مان اهي گرفتاري آھي، ٿي سگهي ٿو جهڙي ريت عمران خان پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ٿيڻ تي جيڪو تبصرو ڪيو هو، اهو تبصرو ئي عمران خان جي گرفتاري جو سبب بڻجي، عبدالرئوف ڀيولکيو ته عمران خان ڪوڙو آهي ان کي گرفتار ڪيو وڃي، محمد فياض وساڻ لکيو ته ھي ڇا به ڪن عمران خان کي گرفتار ڪونه ڪري سگھندا وفاقي حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي فواد چوڌري جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا.