اشو آف دي ڊي … مريم نواز کي ايس ايس پي گهوٽڪي بڻائي ڪچي ۾ آپريشن جي ڪمانڊ ڏني وڃي: سوشل ميڊيا تي تبصرا

0
21

 وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پاران پنجاب پوليس جي وردي پائڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو، سوشل ميڊيا تي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي تقرير کان وڌيڪ سندس لباس ڌيان جو مرڪز بڻيو ۽ سوشل ميڊيا تي سندس اهڙي عمل جي ساراهه ڪئي وئي اتي وري تنقيد به ڪئي وئي. ڪجهه ماڻهن مريم نواز جي پوليس يونيفارم پائڻ کي اسٽنٽ قرار ڏنو جڏهن ته ڪجهه ان کي عورت پوليس اهلڪارن کي خراج تحسين قرار ڏنو. سوشل ميڊيا تي تنقيد باوجود مريم نواز هڪ ڀيرو ٻيهر وردي پائي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، واضح رهي ته مريم نواز پنجاب جي وڏ وزارت سنڀالڻ کان وٺي سوشل ميڊيا تي سرخين ۾ اچي رهي آهي ۽ ان جو هڪ سبب سندس ميڊيا مئنجمينٽ کي به قرار ڏنو پيو وڃي.

                         اسڪول جي ڇوڪرين کي ميڪڊونلڊز کارائڻ جو معاملو هجي يا سرڪاري دوري دوران ٽي وي ڪيمرائن جي سامهون عورت پوليس اهلڪار جي مٿي تي رئو ٺيڪ ڪرڻ جو معاملو هجي، اڪثر سوال اهو اڀري ٿو ته ڇا مريم نواز پرفارم ڪرڻ کان وڌيڪ پنهنجي مشهوري ۾ مصروف آهي؟ ائين ڪرڻ جا وڌيڪ فائدا يا نقصان آهن؟

عام ماڻهو انهن سوالن تي سياست وانگر ورهايل آهن. جيڪڏهن پاڻ خميس ڏينهن جي ڳالهه ڪريون ته سوشل ميڊيا تي سياسي مخالفن پاران ڪيل تنقيد کي پاسي تي رکجي ڏسجي ته ٻن قسمن جي راين جو اظهار ڪيو ويو.

محسن مسعود سوشل ميڊيا تي لکيو  ته مريم نواز اڄ اهو حاصل ڪري ورتو آهي جيڪو هوءَ ڪرڻ چاهي پئي ۽ اهو سڀ ڪجهه ڌيان ڇڪائڻ لاءِ آهي ۽ هاڻي سڀ سندس پوليس يونيفارم جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. ڇا بهترين مارڪيٽنگ حڪمت عملي آهي؟

 فيصل ڍڪو نالي هڪ صارف لکيو ته جيڪڏهن مريم نواز پوليس جي حمايت ۾ اهڙو اظهار ڪرڻ چاهي ها ته ان جي ضرورت بهاولنگر جي پوليس اسٽيشن ۾ هجي ها، جتي يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت هئي، پر بدقسمتي سان آئرن ليڊي کان.“ هڪ جملو به ٻاهر نه آيو،

صحافي ماجد نظامي اهو لکيو ته ڇا وزيراعليٰ مريم نواز شريف پنجاب پوليس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ بهاولنگر پوليس اسٽيشن جو دورو ڪندي؟

 عباس بلگرامي نالي هڪ صارف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي مريم نواز جي پوليس يونيفارم پائڻ بابت لکيو ته ”اها يونيفارم ۾ عورتن لاءِ زبردست ۽ متاثر ڪندڙ خراج تحسين آهي. مون کي خوشي آهي ته پنجاب جي قيادت هڪ عورت ڪري رهي آهي، جيڪا سيف سٽي ۾ ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ هاسٽل، عام عورتن لاءِ موٽرسائيڪلون ۽ عورتن لاءِ ورچوئل پوليس اسٽيشنز جهڙا موقعا ۽ سڌارا آڻي رهي آهي ۽ هاڻي اها يونيفارم ۾ به آهن.

شمع جوڻيجو نالي هڪ صارف به ايڪس تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي لکيو ته مريم نواز پنجاب پوليس جي يونيفارم ۾ خوبصورت نظر اچي رهي آهي ۽ اهو عورت پوليس اهلڪارن جي حمايت جو هڪ زبردست اظهار آهي.

جميل ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پنجاب پوليس جي وردي پائڻ تي مٿس لاهور سيشن ڪورٽ ۾ ايف آءِ آر لاءِ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي، ملڪ جاويد شهزاد به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، عابد سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مريم نواز  وڏ وزارت کان وردي تائين، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي وردي پائڻ واري دلي خواهش پوري ٿي وئي. مخالف ڌر وردي پائڻ خلاف عدالت پهچي وئي، رضوانه ڪليم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته امن امان جي بحالي لاءِ مريم نواز کي فوري طور ايس ايس پي گھوٽڪي مقرر ڪيو وڃي، محمد اسماعيل سومرو به پوسٽ شيئر ڪئي، ميٺا رام پوسٽ شِيئر ڪندي لکيو ته پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز تي ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو. جنهن تي نور حسن کوسو لکيو ته پوءِ داخل ڪرائينس ڪيس ڇو ماٺ آهي، مير حسن مري لکيو ته صوبي جي چيف ايگزيڪٽو آھي. ڪو ڪيس داخل نه ٿو ٿي سگھي.وسيم محمد لکيو ته پهرين قانون بدلي ڪرايو اٿس، حبيب الله سمون لکيو ته پاسنگ پريڊ آهي ان ۾ شرڪت ڪري يونيفام پاتو اٿس همت افزائي ڪئي اٿس داد ڏيڻ گهرجي جنهن پوليس کي پنهنجو سمجهيو، باغي شاهد ساند لکيو ته اسلامي جهموريه پاڪستان زندھ آباد، حسن چانڊيو لکيو ته 70 سال کان پوءِ پوليس ۾ ڀرتي ٿي آهي، منور لال لکيو ته وردي ٺھيس ٿي، حفيظ آزاد بروهي لکيو ته ڪيس ڇو ڪھڙي قانون تحت ؟ آءِ جي پنجاب هن کي اعزاز ۾ وردي پائڻ ڏني، توھان کي قانون جي خبر ناھي ھن پوسٽ ذريعي توھان تي چار کان پنج ايف آءِ آر ٿي سگهن ٿيون، پرشوتم داس لکيو ته هنن جا شوق پورا نٿا ٿين ۽ غريب ماڻهو  بک سبب مري رهيا آهن. ممتاز ميمڻ لکيو ته مريم نواز تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي، غلام دستگير ماڇي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مريم نواز سپاھي ٿي وئي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف پوليس سان يڪجهتيءَ طور پوليس يونيفارم پائي سينئر پوليس آفيسر کان اعزاز وصول ڪيو، جاويد علي خاصخيلي لکيو ته ايس ايس پي مريم نواز، برڪت علي گهنڃو، رام ڪرشن، پرويز، نديم نواز، مورائي اياز سولنگي، منصور احمد، اي ڊي ڪنڀر، شاهد علي، نور نبي آفريدي، علي ساجد وساڻ، اڪبر ناصر، عبدالسلام انڙ، عرفان علي اوڍاڻو، محمد علي بهڻ، سليم رحمان ميمڻ، فرمان علي، محمود شاهه، منور گل، سيلرو عرفان ۽ ٻين به مريم نواز جي حوالي سان پوسٽ شيئر ڪيون، مير محبوب حسين جمالي لکيو ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آهي، غريب ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي ۽ هنن اميرن جي ٻارن جا شوق پورا ئي نٿا ٿين، عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪڏھن ڪچي ۾ آپريشن جي ڪمانڊ مريم نواز کي ملي ته ڌاڙيل پاڻمرادو پيش پون،

جڏهن ته پنجاب پوليس خميس ڏينهن پنهنجي ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) اڪائونٽ تي هڪ بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ’پنجاب پوليس ڊريس ريگيوليشن‘ موجب وزيراعليٰ مريم نواز شريف پوليس يونيفارم پائڻ جي اهل آهي. اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن مريم نواز پوليس وردي پهري پريڊ ۾ شريڪ ٿي، جنهن بعد مريم نواز ۽ پنجاب پوليس مٿان تنقيد شروع ٿي وئي، لاهور جي پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ تقريب دوران مريم نواز پوليس يونيفارم ۾ نظر آئي.

پنجاب پوليس 30 جنوري 2024 تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ ’پنجاب پوليس ڊريس ريگوليشنز‘ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي جنهن سان گڏ پوليس يونيفارم ۾ مريم نواز جي تصوير به پنهنجي ايڪس (اڳوڻي Twitter) اڪائونٽ تي شيئر ڪئي وئي آهي. ترميم موجب پنجاب جو گورنر ۽ وڏو وزير پوليس اهلڪارن جي حوصلا افزائي لاءِ پريڊ ۽ پوليس درٻار جهڙن تقريبن جي موقعي تي يونيفارم پائي سگهندا. ياد رهي ته اهو نوٽيفڪيشن آءِ جي پوليس ڊاڪٽر عثمان انور جي دستخط هيٺ پنجاب جي اڳوڻي نگران وزيراعليٰ ويرالا محسن نقوي جي دور ۾ جاري ڪيو ويو هو.

 پنجاب حڪومت جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب تقريب بابت ٻڌايو ته اها ليڊي ريڪروٽ ڪورس ۽ ليڊي ٽريفڪ اسسٽنٽ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ هئي. تقريب جي تصويرن ۾ مريم نواز کي پنجاب پوليس جي يونيفارم ۽ ڪيپ سان گڏ لٺ به هٿ ۾ نظر آئي، جتي هن تقرير دوران چيو ته اميد آهي ته جلد پنجاب پوليس ۾ اڌ عورتون هونديون، ساڳئي خطاب دوران پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز به چيو ته هن پهريون ڀيرو پوليس يونيفارم پائڻ بعد محسوس ڪيو ته وزيراعليٰ جي ڪرسي جو حلف کڻڻو آهي يا پوليس يونيفارم پائڻو هجي اها ڪيڏي وڏي ذميواري آهي.