اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) سينيٽ ۾ نئين پارليماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر جي خطاب تي بحث جي شروعات ٿي وئي، ميمبرن ان ڳالھه تي زور ڏنو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سياسي قوتن کي ھڪ پيج تي اچڻو پوندو. پ پ ۽ ن ليگ پاران پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏني وئي، پي ٽي آءِ پاران مشروط راضپو ظاهر ڪيو ويو، سينيٽ جي اجلاس ۾ وفاقي وزير قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وزير اعظم نذير تارڙ صدر جي پارليمينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب تي اظھار تشڪر جي تحريڪ پيش ڪئي. جنھن بعد چيئرمين سينيٽ ميمبرن کي صدر جي خطاب تي بحث ڪرڻ جي دعوت ڏني. بحث جي شروعات پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽ ۾ پارليماني ليڊر سينيٽر شيري رحمان ڪندي چيو ته صدر آصف علي زرداري پنھنجي خطاب ۾ سڀني جماعتن کي دعوت ڏني آھي. صدر چيو آھي اسان سڀ تاريخ جو ھڪ نئون پيج اُٿلائي سگھون ٿا. پيپلزپارٽي گھڻيون قربانيون ڏنيون آھن پر ڪڏھن ملڪ، رياست ۽ عوام جي لاءِ مشڪل پيدا ناھي ڪئي. صدر زرداري پنج سال جيل ڪاٽيو، پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته پي ٽي آءِ کي پنهنجو رويو تبديل ڪري اڳتي وڌڻو پوندو، چور ڊاڪو چوڻ ڇڏيو ۽ پارليامينٽ، جمهوريت لاءِ گڏجي ڪم ڪريو، آصف زرداري جيڪو چيو آهي ان جي آجيان ڪرڻ گهرجي، سينيٽ مان شروعات ڪريو، هي موقعو آهي، دستو آهي، اختيار به آهي. سينيٽر علي ظفر چيو ته سينيٽ سمورن صوبن جو گڏيل نمائندو آھي خيبرپختونخوا جي سينيٽرز کي ھن ايوان ۾ نمائندگي ڏني وڃي. علي ظفر چيو ته باني چيئرمين تحريڪ انصاف، ان جي گھرواري ۽ ٻين پارٽي ميمبرن خلاف سياسي ڪيس ناانصافي آھي، انھن کي صفائي جو موقعو به فراھم نه پيو ڪيو وڃي. تحريڪ انصاف کان مخصوص سيٽون به واپس ورتيون ويون. ھن سوال ڪيو ته ڇا ھي جمھوريت آھي ته وڏي پارٽي وٽ مخصوص سيٽون ناھن. ڇا ھي چاھين ٿا ته مخالف ڌر ئي نه رھي. مسلم ليگ ن جي پارليماني ليڊر سينيٽر عرفان صديقي چيو ته حڪومت ايندي ويندي آھي. اقتدار، روايتون مستقل ھجڻ گھرجن. اڄ پاڪستان ۾ ڪو سياسي قيدي ناھي. مون کي قانون ڪرائيداريءَ جي تحت ھٿڪڙيون ھنيون ويون، اسان مٿان پاناما تحت ڪيس ٺھيو ۽ اپيل جو حق به نه ڏنو ويو ھيو. اسان سياسي انتقام تي يقين ناھيون رکندا. جڏھن شاھ محمود قريشي کي ھٿڪڙيون لڳائي عدالت آندو ويندو آھي. ھي پراڻي روايت ختم ٿيڻ گھرجي.سينيٽر عرفان صديقي چيو ته آچو ته پاڪستان لاءِ گڏ ويهون، هڪ ڀيرو ٻيهر اوهان ڏانهن هٿ وڌايون ٿا، اوهان احتجاج لاءِ انهن سان گڏ ويٺا آهيو جن جو نالو کڻڻ پسند نه ڪندا هئا، اچڪزئي سان ڳالهائي سگهو ٿا، فضل الرحمان سان گڏ ويهي سگهو ٿا ته پوءِ اسان سان گڏ ويهڻ ڪهڙو مسئلو آهي، پي ٽي آءِ سينيٽر همايون مهمند چيو ته باني پي ٽي آءِ هڪ سياسي قيدي آهي پر ذهني طور آزاد آهي، ذهن سياسي قيدي هجي ها ته ڊيل ڪري سعودي يا لنڊن هليو وڃي ها،  اجلاس ۾ ڄام سيف الله ، ھمايون مھمند، اسلم ابڙو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته ملڪ جي معيشت بھتر بڻائڻ ضروري آهي، سياسي قوتون ھڪ پيج تي اچن. سينيٽ ۾ صدارتي خطاب تي بحث جاري هو ته سينيٽ اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو. هوڏانهن پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز جواب ڏيندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان لاءِ ڪنهن سان به ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر پهريان ڳالهين لاءِ ماحول ٺاهيو وڃي، سياسي ڪيس ختم ڪيا وڃن.