لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن پنجاب اڳوڻي وزيراعظم ۽ پارٽي قائد نواز شريف کي ٻيهر پارٽي جي صدارت سنڀالڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. ن ليگ پنجاب جي صدر رانا ثناءُ الله اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف کي پارٽي قيادت ٻيهر سنڀالڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي،نواز شريف ٻيهر پارٽي جي قيادت ڪندو، هو عدالتن مان سرخرو ٿيو آهي.
هن چيو ته ن ليگ پنجاب جي اجلاس جون تجويزون چين مان واپسي تي نواز شريف کي پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته پارٽي پنهنجي وفاق ۽ پنجاب حڪومت سان ڀرپور انداز ۾ بيٺي آهي، مريم نواز پنجاب ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، اسان پنهنجي خامين ۽ ڪوتاهين تي ظابطو آڻينداسين، اسان اِها ئي ليڊرشپ مهيا ڪنداسين جنهن جي عوام اميد رکي ٿو، هن چيو ته يقين آهي ته نواز شريف جي قيادت ۾ ن ليگ پنهنجي مقبوليت ۽ مقام حاصل ڪري وٺندي، نواز شريف هن مشڪل وقت ۾ مسلم ليگ ن جي قيادت سنڀالي، رانا ثناءُ الله چيو ته اتحادي حڪومت ن ليگ جي منشور جي پابند نه آهي، جنهن حڪومت ۾ مهانگائي وڌندي اِها ئي ذميوار هوندي، پي ٽي آءِ باني عمران خان جي هوڏ ۽ غير سياسي رويي سبب سياسي نظام نقصان ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته مفاهمت يا مزاحمت، هاڻي ن ليگ ۾ بيانيو اهو ئي هوندو جيڪو نواز شريف ڏيندو، پارٽي ان تي ئي هلندي، ياد رهي ته 2017 ۾ نااهلي کانپوءِ سپريم ڪورٽ نواز شريف کي پارٽي صدارت لاءِ به نااهل قرار ڏئي ڇڏيو هو. ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته نواز شريف جي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جو رستو ڪنهن اڻ ڏٺي طاقت يا شهباز ناهي روڪيو، هڪ غلط تاثر ٺاهيو ويو ته نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ لاءِ بيتاب آهي، لندن جي ملاقاتن ۾ منهنجو تاثر اهو ئي هو ته نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ نٿو چاهي، نواز شريف پاڪستان وزيراعظم ٿيڻ لاءِ نه آيو هو، جڏهن ته پارٽي اجلاس ۾ نواز شريف جي پارٽي صدر جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته نواز شريف کي 2017ع ۾ سازش تحت نا اهل ڪيو ويو، جبري طور پارٽي صدارت کان محروم ڪيو ويو.