ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف کي 28 اپريل تي باغ جناح ۾ جلسي جي اجازت نه ملي سگهي، دهشتگردي جو خطرو، ڊي سي پاران اجازت کان انڪار، چيف جسٽس پي ٽي آءِ کي في الحال جلسو نه ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو واقعو ٿيو ته هي توهان جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا، سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت نه ملڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان جلسو ڪرڻ  جي اجازت ڏني هئي، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته دهشتگردي جا خدشا آهن، ايس ايس پي اوڀر جي رپورٽ به اچي وئي آهي ملير ۾ ڌماڪو ٿيو آهي، وڌيڪ خطرو به آهي،  چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا هي 9 مئي وارو واقعو ٻيهر ڪندا؟ رپورٽ ڏسڻ ۾ مزو نه آيو، ڳالهه اها آهي ته اوهان  انهن کي جلسو ڪرڻ جي اجازت  نه ڏيندا. انهن کي به اهو ئي خدشو  آهي، ڪيستائين حالتون ٺيڪ ٿينديون ۽ توهان جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏيندا؟ سرڪاري وڪيل چيو ته هڪ مهيني جو وقت ٻڌايو پيو وڃي، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سوال ڪيو ته ڇا  هاڻوڪي وقت ۾  شهر ۾ ڪو جلسو  ٿيو آهي؟ ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي وڪيل ٻڌايو ته 2 ڏينهن اڳ مرڪزي مسلم ليگ   شاهراهه قائدين تي جلسو  ڪيو آهي، ڊپٽي ڪمشنر اوڀر ٻڌايو ته اسان ڪنهن کي به جلسو ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني، چيف جسٽس چيو ته انهن کي به بنا  اجازت جلسو ڪرڻ  ڏيو ، خدا ڄاڻي هي ڄاڻن  توهان پنهنجي آفيس ۾ ويٺا  رهو، ٻڌايو ته ڇا توهان اجازت کانسواءِ جلسو  ڪرڻ تي ڪهڙو  ايڪشن ورتو،  ڇا توهان لٺيون وسايون، ڇا توهان رينجرز کي استعمال ڪيو؟ پنهنجي وڏن سان ڳالهايو، ايترو ظلم نه ڪريو، اسان اوهان جي پاسي نٿا ٿي سگهون، جيڪڏهن توهان اجازت نه ڏيڻ جو مناسب سبب ٻڌايو ته اسان توهان جي حمايت ڪنداسين، ائين نه ٿئي جو سڀاڻي توهان معاملا سنڀالي نه سگهو، توهان به محتاط رهو، ائين نه ٿئي ته ڪو واقعو ٿئي، هي توهان جي ڳچي ۾ وجهي ڇڏيندا. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن اسان توهان جي حق ۾ حڪم جاري به ڪيون ته سڀاڻي توهان لاءِ مسئلو بڻجي ويندو،  توهان به ضد نه ڪريو وڌيڪ هڪ هفتو انتظار ڪريو، عدالت تحريڪ انصاف جي درخواست جي ٻڌڻي 6 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.