بيجنگ (م ڊ) چين آمريڪا جو روس کي هٿيار فراهمي بند ڪرڻ وارو مطالبو رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا اسان جي پرڏيهي پاليسي ۾ مداخلت نه ڪري. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين جي دوري تي بيجنگ ۾ موجود آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن  چيني صدر شي جن پنگ سان اهم ملاقات ڪئي آهي ان ملاقات ۾ يوڪرين-روس، ايران ۽ اسرائيل جنگ تي ڳالهيون ڪيون ويون، چيني ميڊيا موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي سان  شڪايتون پڻ ڪيون،  آمريڪي پرڏيهي وزير پاران روس کي هٿيار ۽ فوجي سامان فراهم ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، ٽوني بلنڪن اسرائيل ايران صورتحال تي چين پاران ايران جي حمايت تي پڻ خدشا ڏيکاريا جڏهن ته چين تائيوان کي فوجي امداد ڏيڻ تي ڪاوڙ ڏيکاري، ملاقات ۾ چيني صدر آمريڪا تي واضح ڪيو ته تائيوان چين جي ريڊ لائن آهي انکي ڪراس نه ڪيووڃي، لاڳاپن کي مستحڪم ٿيڻ کان اڳ ئي منفي لاڙن ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. شي جن پنگ چيو ته چين ۽ آمريڪا کي دشمن نه پر شراڪتدار بڻجڻ گهرجي، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان شيطاني مقابلي کان پاسو ڪن، چيني صدر شي جن پنگ جو چوڻ هو ته ڪجهه مهينن اندر ٻنهي ملڪن جي ٽيمن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه وڏي اڳڀرائي آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي اختلاف ختم ڪري گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، چين آمريڪا جي خوشحالي ۽ پراعتمادي تي خوش آهي، اميد آهي ته آمريڪا به چين جي ترقي تي هاڪاري نظر رکندو، هاڻي به ڪيترائي مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته چيني صدر سان ملاقات ۾ ٽڪ ٽاڪ تي چين ۾ امڪاني پابندي بابت ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي