اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيپرا ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ بجلي جي قيمتن ۾ 2 رپيا 94 پيسن جي اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي تفصيل موجب اوگرا پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب چيئرمين نيپرا بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي مارچ جي ماھوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي. عوامي ٻڌڻي چيئرمين نيپرا وسيم مختار جي صدارت ھيٺ ٿي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي  (سي پي پي اي) ايف سي اي جي مد ۾ 2 روپيا 94 پئسا في يونٽ اضافي جي درخواست جمع ڪرائي ھئي. ان کان اڳ  فيبروري ۾ چار رپيا 98 پيسن جي واڌ ٿي هئي فيبروري جي نسبت صارفين کان ھڪ رپيو 98 پئسا في يونٽ مارچ ۾  گھٽ وصول ڪيا ويندا.  ڊسڪوز جي لائيف لائين صارفين سوڌو  اھو فيصلو  ڪي اليڪٽراڪ جي صارفين تي به لاڳو نه ٿيندو. اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ پڙتال بعد پنھنجو فيصلو جاري ڪندي. هوڏانهن سموري ملڪ ۾ هڪ مهيني دوران 92 ڪروڙ 69 لک يونٽس جي اوور بلنگ جو انڪشاف ٿيو آهي. وفاقي جاچ ايجنسي ( ايف آءِ اي ) موجب، بجلي جي اوور بلنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. ترجمان موجب، هڪ مهيني دوران256 ڪنيڪشنز ۾ اووربلنگ جو انڪشاف ٿيو، ملوث عنصرن خلاف 23 انڪوائريون ۽ 5 ڪيس داخل ڪيا ويا. ترجمان جو چوڻ آهي ته گهرن، سرڪاري آفيسن ۾ اووربلنگ جي مد ۾ اربين رپيا بجلي بلن ۾ وصول ڪيا ويا ۽ هڪ مهيني دوران سموري ملڪ ۾ 92 ڪروڙ 69 لک يونٽس جي اووربلنگ ڪئي وئي. ايف آءِ اي ترجمان موجب، اوور بلنگ سبب عوام ۽ ٻين سرڪاري ادارن کي 34 ارب 29 ڪروڙ رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. ان ڏس ۾ ڊي جي ايف آءِ اي هدايت ڪئي آهي ته اووربلنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف گهيرو تنگ ڪيو وڃي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.