اشو آف دي ڊي … پيپر رلي تي، سوال انڊين ويب سائيٽ تان ورتل: ايس ايس ٽي جو پرچو ليڪ ٿيڻ تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

0
24

 سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو پيپر ليڪ ٿيڻ جي معاملي تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ ورتل سائنس ڪيٽگري جو پيپر ٻيهر به ليڪ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ايس پي ايس سي پاران سيڪنڊري اسڪول ٽيچر لاءِ ورتل سائنس ڪيٽگري جو پيپر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي، پيپر رلي  تي رکي حل ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، اميدوارن ۾ مايوسي جي لهر پکڙجي وئي آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي، معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو، فيبروري مهيني ۾ پيپر آئوٽ ٿيڻ سبب ٽيسٽ ملتوي ٿي هئي، جڏهن ته ترجمان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تصوير وارو معاملو ڪميشن انتظاميه جي نظر ۾ آهي، معاملي جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي. ان حوالي سان محمد اسلم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھيٺان وڇايل رلي ئي ٻڌائي پئي ته سنڌ ۾ ميرٽ  جو جنازو پڙهائڻ جي تياري شروع ٿيڻ واري آهي…جنهن تي شفقت ملڪ لکيو ته متان انهن جو ڪير گذاري ويو هجي، راجا انڙ لکيو ته ٻوسٽ واري ماحول ۾ جيئون پيا، سهيل احمد لکيو ته چون پيا ته همراهه پاڻ سان گڏ رلي کڻي ويو هو پيپر ڏيڻ مهل. عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس پي ايس سي جو پيپر رليءَ تي…..! سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جو پيپر رليءَ تي ويھي حل ڪيو پيو وڃي، اھا رلي ڀلا ڪھڙي سينٽر تي وڇايل ھئي…..؟ ايس پي ايس سي وارن جي ڪو شرم ڪو حياءُ آھي؟ محمد ايوب لکيو ته سڄي دنيا ۾ اسان خوار ٿيا آهيون، پر اسان کي هر حال ۾ ڪرپشن ڪرڻي آهي، صدام جوکيو لکيو ته سڄي سنڌ جي نوجوانن کي هڪ هنڌ گڏ ٿي احتجاج ڪرڻو پوندو ته هي ٽيسٽون ڪينسل ڪري ايس ٽي ايس جي ٿرو ورتيون وڃن. علي سخا رباني پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ ورتل سائنس ڪيٽگري جو پيپر ليڪ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ايس پي ايس سي طرفان ھر دفعي نوڪريون ڪروڙين ۽ لکين رپين ۾ وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، گذريل دفعي ساڳئي پوسٽ ايس ايس ٽي لاءِ پيپر ورتو ويو هو جنهن ۾ پيپر رات جي وقت آئوٽ ڪيو ويو ۽ ڪي لکين رپين ۾ وڪري ٿي، اداري خلاف احتجاج ڪيا ويا، ٻيهر اداري ميرٽ جي لتاڙ ڪئي آهي، ڀرپور احتجاج ڪرڻ گهرجي، سجاد حسين مڱريو به پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس پي ايس سي جو سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جو پيپر ليڪ ٿي ويو، اهڙيون تصويرون به سامهون آيون آهن، جنهن تي راجيش ساگر جئپال لکيو ته سٺو جو پيپر رلي تي آهي، غلام مرتضيٰ لکيو ته ڪرسيون گهٽ هيون ان ڪري پيپر ڏيڻ لاءِ رليون وڇايون ويون باقي الزام غلط آهن، محمد حنيف لکيو ته سٺو ٿيو رلي تي پيپر ورتن پٿرن تي پيپر حل ڪن ها ته؟ مولائي سليمان هالو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ سرڪار ۽ ايس پي ايس پاران هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي شعور جو قتل، ھيٺان وڇايل رلي ئي ٻڌائي پئي ته سنڌ ۾ ميرٽ جو ڪيترو قدر آھي.  ٻيا اُس ۾ پيپر ڏين دوست وري رلي تي سلام آ SPSC وارن کي. جڏهن توھان پيپر واپس وٺندا ته پوءِ هيءَ پيپر اوطاقَ تائين ڪيئن پهتو. پيپر وري اوطاق تي حل ٿا ٿين. ايس پي ايس سي جا پيپر هاڻي اوطاقن تي حل ٿيڻ لڳا آهن؟ وقاص ياسين آرائين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس پي ايس سي جو پيپر رليءَ تي…..! سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جو پيپر رليءَ تي ويھي حل ڪيو پيو وڃي؟ اسد علي به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، عبدالاحد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس پي ايس سي جي پيپرن ۾ توھان ڏسي سگھو ٿا ھزارن جي تعداد ۾ شاگرد ايس ايس ٽي جو پيپر سکر ۾ ڏيڻ آيا آھن  پر افسوس ايس پي ايس سي جي طرفان ليڪ ٿيل پير ڪيترن ئي ماڻھن جي دل آزاري ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻھن جا خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ھي پيپر وقت کان پھريان منظر عام تي اچي ويو، سڀاش چندر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پئسي جو مستي آ پيپر رِلي تي ملندو. ڪتاب پڙهڻ سان نه. رلي کان پوءِ چادر سائنس پيپر ليڪ ٿي ويو، جاويد چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي جيتري مذمت ڪريو پر ھي ڪرپشن کان نه مڙندا، ھي رلي تي نظر ايندڙ علامه اقبال يونيورسٽي يا ڪنهن  بورڊ جو ڪو پيپر ناهي پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن  SST جو پيپر آهي” جيڪو ليڪ ٿيو آهي، اسان ته اڳ به چيو ته انهيَ ڪرپٽ  اداري کي ھميشه لاءِ تالا هڻو، ڪرپشن نامنظور، رياض جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايم ڊي ڪيٽ جي پيپر ليڪ ٿيڻ کان بعد پيش خدمت آھي  سنڌ پبلڪ ڪميشن جي ميرٽ وارو پيپر ليڪ، ھيٺان وڇايل رلي ٻڌائي پئي ته سنڌ ۾ ميرٽ جو ڪيترو قدر آھي.گھر ويٺي پيپر حل ڪري سگھو ٿا، ھمراھه رلي تي ويٺو آ ۽ سائنس ڪيٽيگري وارو پيپر ٽڪ ٿيل ھٿ ۾ اٿس، ھي ڪميشن ادارو ڇا پئي ڪري پيپر ليڪ ڪندڙ خلاف ڪاروائي ٿيندي يا نه ؟ انور سنگهه سوڍا لکيو ته پئسو سڀ ڪجهه آهي، افسر چنا به پيپر ليڪ ٿيڻ بابت پوسٽ شيئر ڪئي، شاهجهان ڏاهري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪڏهن اوهان وٽ پئسا آهن ته پيپر رلي تي ويهاري حل ڪرايو ويندو، غلام مرتضيٰ اڄڻ لکيو ته ميرٽ جي لتاڙ ٿي آهي. علي مرتضيٰ ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس پي ايس سي وارن کان سوال آهي ته رلي ڪيڏانهن آئي.؟ ٻيو ته سوال انڊيا جي websites تان ڇو ٿا ڏنا وڃن.؟؟ سارنگ سعيد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميرٽ ۽ انصاف جو ٽيڪنيڪل طريقن سان قتل ڪيئن ٿيندو آھي؟ سنڌ گورنمينٽ ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان ھي سوال آھي ته ٻڌايو سنڌ جا بيروزگار نوجوان ھاڻي ڇا ڪن؟ پيپر ليڪ وارو مسئلو ھيو ھاڻي ته پيپر ئي گھرن، اوطاقن ۽ آفيسن ۾ حل ڪرايا پيا وڃن. ڀلا واقعي نوجوانن لاءِ اھيو سوچيو اٿو ڇا نوجوان وڃي ڇولا کپائن؟ نوڪريون ڪونهن ڪي؟ ھي ايس ايس ٽي جي ٽيسٽ آھي ھن جي ليول ڊاڪٽرن جي ڪميشن کان وڌيڪ مشڪل ڪئي وئي آھي.ھي پيپر ڇا ڪيمسٽري جي ڪنھن پروفيسر سليڪٽ ڪرڻ لاءِ آھي جو ايڏي مشڪل ڪيمسٽري؟ ھي پيپر انگلش لينگويج جي ليول وارن ماڻھن ڇا اسان نيٽِو آمريڪن آھيون؟ فزڪس کي ته مراڳي ڀت سان لڳائي ڇڏيو اٿن! ميٿميٽڪس ۾ صرف ٽرگناميٽري ئي سبجيڪٽ آھي ڇا؟ چلو سڀني ڳالھين کي ڇڏيو ھي استاد جيڪي ايس ايس ٽي پاس ڪري ايندا اھي انڊيا جي انٽري ٽيسٽ ويب سائيٽن مان ٻارن کي پڙھائيندا يا سنڌ جو ميٽرڪ ليول جو اسڪول جو ڪورس پڙھائيندا؟ ڇا ھي ناانصافي ناھي پڙھجي پاڪستان جي ورسٽين ۾ ايڇ اي سي جو ڪريڪيولم ۽ سوال کنيا وڃن انڊيا جي ويب سائيٽن مان!  ڇا اسان نوجوان تعليم حاصل ڪرڻ ۽ نوڪرين لاءِ اپلاءِ ڪرڻ ڇڏي ڏيون؟ محمد اڪرم ملڪ، عرفان بلوچ، عزيز سنڌي، سيد اظهر علي شاهه، علي مرتضيٰ ميمڻ ۽ ٻين به پيپر ليڪ ٿيڻ خلاف ردعمل ڏنو.