اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد سپريم ڪورٽ جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته آئين واضع آهي ته پارليمان نمائندگي تناسب هوندي. ڪنهن جون سيٽون ٻين کي ڏيڻ مينڊيٽ جي خلاف آهي. آئين جي بنيادي اصولن کي صرف فهرست نه ڏيڻ جو بنياد بڻائي ڪيئن رد ڪري سگهجي ٿو؟ اصل مسئلو عوامي مينڊيٽ آهي اسان کي عوامي مينڊيٽ جي حفاظت ڪرڻي آهي. سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن متعلق اپيلن جي ٻڌڻي جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ ڪئي. جسٽس اطهر من الله چيو ته هڪ وڏي سياسي جماعت کي پهريون ڀيرو چونڊ نشان کان محروم رکيو ويو، آئين ۾ لکيل آهي ته مناسب نمائندگي کان وڌيڪ سيٽون نٿيون ڏئي سگهجن، هڪ سياسي جماعت جي مينڊيٽ کي اڻ سڌي طريقي سان نظر انداز ڪرڻ ڇا درست آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان ۽ مخصوص سيٽن تي نامزد عورت ميمبرن اسيمبلي ۾ بينچ تي اعتراض ڪندي لارجر بينچ جي استدعا ڪئي. جسٽس منصور علي شاهه اعتراض رد ڪندي سني اتحاد ڪونسل جي وڪيل فيصل صديقي کي دليل ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وڪيل فيصل صديقي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلن متعلق دليل ڏنا عدالت اٽارني جنرل ۽ اليڪشن ڪميشن کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته چونڊن ۾ نشان نه ملڻ تي اها سياسي جماعت اليڪشن نه وڙهي سگهندي. جسٽس منصور علي شاه چيو ته اسان کي عوامي مينڊيٽ جي حفاظت ڪرڻي آهي. اصل مسئلو عوامي مينڊيٽ جو آهي. وڪيل فيصل صديقي ڪي پي ڪي جي مخصوص سيٽن جي حوالي سان دليل ڏنا ته جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آئين ۾ واضع لکيل آهي ته پارليامينٽ ۾ نمائندگي تناسب جي حساب سان هوندي. جسٽس محمد علي مظهر پڇيو ته آئين م ڪٿي لکيل آهي ته مخصوص سيٽون ٻين جماعتن کي ورهائي سگهجن ٿيون. جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪو ڪم سڌي ريت نٿو ڪري سگهجي اهو اڻ سڌي طرح به نٿو ٿي سگهي. هڪ سياسي جماعت جي مينڊيٽ کي اڻ سڌي طريقي سان نظر انداز ڪرڻ ڇا درست آهي؟ جسٽس منصور علي شاهه پڇيو ته ڇا ورهايل مخصوص سيٽون ٻيهر ورهائي سگهجن ٿيون؟ جسٽس اطهر من الله چيو ته بغير مناسب سبب ٻڌائڻ جي مخصوص سيٽون ٻين سياسي جماعتن ۾ ورهايون ويون. ڪنهن ٻئي جو مينڊيٽ نظر انداز ڪري ڪيئن ڏئي سگهجي ٿو؟ سپريم ڪورٽ درخواستون ٻڌاڻي جي لاءِ منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. لارجر بينچ جي تشڪيل يا موجودا بينچ ٻڌڻي ڪندي؟ عدالت معاملو ججز ڪميٽي کي اماڻي ڇڏيو آهي. عدالت مخصوص سيٽن تي ڪامياب ميمبرن کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪيس جي ٻڌڻي عدالت 3 کان روزانو جي بنياد تي ڪندي.