اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب وفد سان گڏ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عمر ايوب سان گڏ تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر، اسد قيصر ۽ رئوف حسن به موجود هئا. آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ ۽ اهم موضوعن تي گفتگو ٿي. سفارتخاني موجب معيشت جي بحالي ۽ سڌارن لاءِ جاري آمريڪي حمايت ۽ انساني حقن ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي معاملن تي به ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ آمريڪي سفير پاڪستاني عوام جي مستحڪم ۽ محفوظ مستقبل لاءِ معاشي سڌارن جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته پرڏيهي کاتي ذريعي آمريڪي سفير طرفان ملاقات جو چيو ويو هو، اسان ان ملاقات لاءِ اڄ جو وقت ڏنو، آمريڪي سفير ۽ پوليٽيڪل آفيسر ملاقات ۾ موجود هئا، اسان آئين جي بالاستي تي ڳالهه ڪئي. سندس موجب آمريڪي سفير سان سڌي ريت ڳالهه ڪئي آهي ته اسان ڪنهن ملڪ جي مداخلت برداشت نه ڪنداسين، اسان هر هر چيو ته هي پاڪستان جا اندروني مسئلا آهن، ملڪ ۾ رول آف لا هجڻ گهرجي، جنهن سان سيڙپڪاري ايندي. عمر ايوب وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪي سفير سان عوام جي ووٽ خلاف رياستي يلغار، بنيادي سياسي آزادين تي لڳايل اعلانيل پابندين ۽ اظهار جي آزادي خلاف غير قانوني انتظامي قدمن متعلق، باني چيئرمين عمران خان، ان جي گهرواري، تحريڪ انصاف جي مرد ۽ عورت اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ سوين سياسي قيدين خلاف آئين ۽ قانون جي ابتڙ سياسي قدمن متعلق ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته آئين جي سنگين خلاف ورزي ۽ قانون جي حڪمراني جي بدترين صورتحال سبب سڀ کان وڌيڪ معاشي تباهي ٿي رهي آهي. آئين مطابق شهرين کي فراهم ڪيل بنيادي حق، سياسي آزاديون ۽ ووٽ جو حق ملڪ ۾ سياسي اسحتڪام جو ضامن آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف ڪاروبار ۽ معاشي رابطن جي هڪ ڊگهي تاريخ رکي ٿي. جڏهن ته آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي. معاشي ترقي جو ڪو به قدم قانون جي حڪمراني کانسواءِ فائديمند ثابت نه ٿيندو. آمريڪي سفير پاران پاڪستان جي ترقي ۾ ڀائيوار طور ڀرپور ادا ڪرڻ واري عزم جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان گڏيل رابطا جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.