ها اسين هاري هون … جاويد حالتي

0
22
ها اسين هاري هون ... جاويد حالتي

ھا اسين ھاري ھون

جنھن جي ڪڻڪ جي پورھئي جي مڻ جي قيمت

چار ڪلو مرغي ۽ ھيڏانھن مڻ ڪڻڪ جو .

آئون ھاري ھان ۽ غريبن کي سڏ ڪري چوان ٿو

اسان کان ڪڻڪ اوھان وٺو 3100 رپيه مڻ

کائي دعا ڪجو پر آئون سمجھان ٿو اوھان ايترا

پيڙھيل آھيو جو اوھان کي ھڪ مڻ ڪڻڪ

وٺڻ جي پڻ وصيت ناھي

اوھان لاءِ ڀٽائي چيو

آڻين ۽ چاڙھين ڏٿ ڏھاڙي سومرا

آئون ھاري ھان جنھن جي ڪڻڪ کي وياجي واپاري

غريب جي ڌي وانگي تاڙين پيا مڻ جا 3100 ۽ ڪلو ڪٽ

سرڪار جو بارداڻو امير کي

باقي ٻه سؤ رپيا ڏئي ٻاچڪو وٺو پوءِ گوادم تي الڳ ذلت سھو

ھر ڀاڻ ،ٻج ،ڦوھارا لاب ڍوئيون ٿريشر ۽ کڻائي

ھاري جنھن جي سڄي آڪهه لوڙي ٿي ۽ گھر جڏھن

ھو اچي ٿو ته به ۽ دز لڳل مرجھايل چھرو کڻي اچي ٿو

فطرت جا اوچتا وسڪارا دنيا ۾ خوشيون آڻين ٿا

پر سنڌ پاڪ ڪتاب کي لوڏي ۽ ٻاڏائي انھن وسڪارن

کان پناھه گھرندي آ .

سنڌ جا ڳوٺ وڏيرن جي وس ،ادارا وڏيرن وس

ھن مھل بارداڻا وڏيرن وس ۽ سرڪار کان مليل رليف به وڏيرن وس

اي دنيا جا غريبو غريب ھارين کان اوھان ڪڻڪ وٺو

دل نه ٿي چئي ڪنھن شرابي ،وياجي ۽ منافق واپاري کي وڪڻڻ تي .

اي دنيا جا استحصاليو ھارين جو ايترو استحصال لازمي ڪريو جو ھو تباھه ٿين ۽ ھٿيار کڻي توھان جي ڪوٽن کي نيست و نابود ڪن .

ديس جي ڪڻڪ جنھن وقت لٿي ان ڏينھن بندر تي ڪڻڪ جا جھاز لنگر ڪرائي ديس جي زراعت تباھه ڪندڙئو ياد رکجو

غريب جنھن ڏينھن پوتڙو ڇنڊي اٿيو ته ان ڏينھن اوھان جا ڀاري برج لوڏينداسين .

دنيا جو مظلوم ۽ محڪوم طبقو ھاري جيڪو دنيا کي گرھه کارائي ٿو

پر اڄ جو پوک تي آيل خرچ لاھي ٻه ڪڻا گھر کڻي اچڻ بجاءِ

منشي جي بندي جي ورقن ۾ قرض لکرائي گھر موٽي ٿو

۽ اھو قرض ايندڙ مند ۾ سمورو خاندان گڏجي لاھيندو .