ٿڌ ۾ پڙهندڙ ٻار … ماهنور شيخ

0
172

 ھڪ طرف آر ايس يو RSU جي بلڊنگ آھي جيڪا اسڪولن لاءِ آيل ٽينٽن سان ڀري پئي آھي ته ٻئي پاسي آفيس کان ٻه ڪلو ميٽر کن مفاصلي تي ھي گورنمينٽ پرائمري اسڪول سيميز ڪوڊ 416040367 غلام قادر چانڊيو ڦل روڊ نوشھرو فيروز آھي جنھن جو ڪچو ڪمرو مينھن ۾ ڪري پيو آھي ۽ ڪافي مھينن کان ٻار سخت ٿڌ ۾ کليل آسمان ھيٺ پڙھي رھيا آھن. ٿڌ ايتري آھي جو مان پنھنجي اسڪول ۾ بلڊنگ ھوندي ٽي سويٽر پائي پوءِ پڙھائيندي آھيان .

                         اسان جو ساٿي مظفر عباسي ھن اسڪول جي نشاندھي ڪافي ھفتن کان ڪرائيندو پيو اچي پر آر ايس يو شايد جڏھن سردار شاھ يا اڪبر لغاري جي چوڻ کان سواءِ ڪم نه ڪندا ۽ سردار شاھه صاحب ۽ اڪبر لغاري وري  ثقافتي کاتي جي پروگرامن ۾ مصروف آھن. (فيس بوڪ تان ورتل)