مدرز ڊي تي شوبز ستارن پاران پنهنجي مائرن متعلق خوبصورت پيغام

0
233

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان سميت دنيا ۾ مائرن سان محبت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. سوشل ميڊيا تي به مائرن سان محبت جي اظهار لاءِ خوبصورت تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون ويون. شوبز جي دنيا سان تعلق رکندڙ شخصيتون به ان معاملي ۾ ڪنهن کان پوئتي نه رهيون

اداڪارا ايمن خان مدرز ڊي جي موقعي تي والده ۽ ڌيءُ جي ڪيڪ ڪٽيندي هڪ ننڍي وڊيو شيئر ڪندي ماءُ سان محبت جو اظهار ڪيو. زندگي ۾ رستو ڏيکارڻ تي والده جا ٿورا پڻ مڃيا

بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ انسٽاگرام تي پنهنجي والد سوني رازدان ۽ سس نيتو ڪپور سان گڏ هڪ سيلفي شيئر ڪندي مائرن جي عالمي ڏينهن جي مبارڪ ڏني. عاليا ڪيپشن ۾ لکيو ته منهنجون خوبصورت خوبصورت مائرون. اداڪارا پريٽي زنٽا به مدرز ڊي جي موقعي تي پنهنجي جڙوان ٻارن سان گڏ والده جي تصوير شيئر ڪئي

سنجي دت به والده سان محبت جو اظهار ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو، والده سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ والده جي تربيت متعلق مداحن کي آگاهه ڪيو. اداڪار لکيو ته امان! اوهان مونکي سخت محنت، صبر، عاجزي، مهرباني، معاف ڪرڻ، سمجهه ۽ زندگي جي لاهن چاڙهن بابت سڀ ڪجهه سيکاريو