هڪ وقت پيدا ٿيندڙ 9 ٻار هڪ سال جا ٿي ويا، پهرين سالگره

0
389
هڪ وقت پيدا ٿيندڙ 9

مالي(دلچسپ نيوز) آفريقي ملڪ مالي سان تعلق رکندڙ جوڙي هڪ ئي وقت پيدا ٿيندڙ 9 ٻارن جي پهرين سالگره ملهائي. حليمه سيسي ۽ عبدالقادر عربي کي 4 مئي 2021ع تي 5 ٻارڙين ۽ 4 ٻارڙن کي جنم ڏنو جن جو وزن 1.1 کان 2.4 پائونڊ هو. ايئن دنيا ۾ پهريون ڀيرا ٿيو هو جڏهن ڪنهن جوڙي وٽ هڪ ئي وقت 9 ٻار پيدا ٿيا هجن ۽ اهي سڀ زنده بچي ويا هجن

انهن ٻارن جي پيدائش وقت کان اڳ آپريشن ذريعي ٿي هئي. ان کان اڳ هڪ ئي وقت سڀ کان وڌيڪ زنده بچي ويندڙ ٻارن جو عالمي رڪارڊ امريڪا جي ناديه سليمان وٽ هو جنهن 2009ع ۾ 8 ٻارن کي جنم ڏنو هو. حليمه ۽ سندس مڙس ٻارن جي پيدائش کان اڳ مالي حڪومت جي معاونت کان مراڪس ويا هئا ته جيئن ماءُ جو خاص طبي خيال رکيو وڃي سگهي ۽ ٻارن جي پيدائش لاءِ 30 ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جي ٽيم ڪم ڪيو هو. هاڻي 12 مهينن کانپوءِ اهي گڏ پيدا ٿيندڙ 9 ٻار پهريان کان وڌيڪ صحت مند آهن