منهنجي خاندان سان ظلم ٿيو، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي: ام رباب

0
219
منهنجي خاندان سان ظلم

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)  سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻي ۾ ميهڙ واقعي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ ام رباب ۽ برهان چانڊيو پيش ٿيا

عدالت برهان چانڊيو جي درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي 3 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ميڊيا سان ڳالهائيندي برهان چانڊيو چيو ته عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، تڏهن ته هر ٻڌڻي تي حاضر ٿيندا آهيون

ام رباب چيو ته ميهڙ واقعي جو مک ڪيس دادو جي عدالت ۾ هلي رهيو آهي، هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستن تي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ پيش ٿياسين

هن چيو ته منهنجي خاندان سان ظلم ٿيل آهي، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، واضح رهي ته ام رباب جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ ٻئي ايم پي ايز ڀائر ضمانتن تي آهن

ھي به پڙھندا

جوابدار سڪندر ۽ ذوالفقار چانڊيو جي ضمانت رد، اها حق سچ جي فتح آهي: ام رباب