مدئجي(رپورٽر) مدئجي جي غريب آباد محلي ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي جي ڳالھه تان منگي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾  جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا پاڙيوارن وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاري ورتو زخمين ۾ ڪامران سرفراز منگي ۽ ٻيا شامل آهن زخمين کي پاڙيوارن کڻائي تعلقي اسپتال آندو جتان زخمين مان ٻن ڄڻن ڪامران ۽ سرفراز کي فوري طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو, ان سلسلي ۾ زخمين سان گڏ آيل وارثن واقعي بابت موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو,هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته پئسن جي ڏيتي ليتي تان منگي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿيو جنهن دوران ٻن عورتن سميت چار زخمي ٿيا.