جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ چاٻي چور سرگرم بڻيل آهن نامعلوم چاٻي  چورن سٽي ٿاڻي جي حد بلديا شاپنگ سينٽر وٽ نظير بهراڻي جي بيٺل جي ايل آءِ ڪار ماڊل 2017 ڪاهي فرار ٿي ويا آهن اھڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪرڻ بعد تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏيو ڪار ڊرائيور جو چوڻ آهي ته بلديا سينٽر وٽ ڪار بيهاري هوٽل تي چانهه پي واپس پهتس ته ڪار بيٺل نه هو جڏهن ته سٽي پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار چوري جي اطلاع ملڻ بعد جاچ شروع ڪري ضلعي ۾ ناڪابندي ڪرائي وئي آهي پر ڪار هٿ نه اچي سگهيو آهي جڏهن ته سي سي ٽي وي فٽيج لاءِ خانگي بينڪ کي ليٽر لکيو ويو آهي فٽيج ملڻ بعد چاٻي چورن جي سڃاڻپ ۾ آساني ٿيندي.