حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عام چونڊن جي تيارين جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن  پاران ووٽر لسٽون نمائش لاءِ رکيون ويون آهن. حيدرآباد ۾ 190 ڊسپلي سينٽر قائم ڪيا ويا آهن جتي ووٽرز پنهنجو ووٽ لسٽن ۾ چڪاسي انهن ۾ تبديلي يا درستگي ڪرائي سگهن ٿا. ريجنل اليڪشن ڪمشنر حيدرآباد علي عبدالله خالد ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف مجيداڻي مختلف ڊسپلي سينٽرن جو دورو ڪيو. اليڪشن ڪميشن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته 19 جون تائين ووٽر لسٽون نمائش لاءِ ڊسپلي سينٽرن تي رکيل هونديون جنهن کانپوءِ ووٽر لسٽن ۾ ڪا به تبديلي نه ڪري سگهبي.