لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪندي چوري دوران شهري کي زخمي ڪندڙ جوابدار کي هٿيار سميت گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب،وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي پوليس وسايو ڀٽو لنڪ روڊ تي ڪارروائي ڪري ڳوٺ بروهي ۾ چوري جي واردات دوران شير محمد بروهي نالي شهري کي زخمي ڪندڙ جوابدار متارو عرف مدد عرف مدو ڪٽوهر ولد عبداللطيف کي ڪلاشنڪوف ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته گرفتار جوابدار مٿان گناهه نمبر 2022/22 قلم سي اي اي 24 سنڌ آرمس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جنهن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.