محرم راز … 23 مارچ ۽ ڪارا انگريز

0
30
آباد پوليس جون جي ڊي اي اڳواڻن خلاف ڪارروايون جاري آهن، ڪالهه اڳوڻي صوبائي وزير عاقب جتوئي جي ٻن ملازمن دلشير جتوئي ۽ زنوار جتوئي کي پوليس کنڀي وئي، ٻئي ڏينهن به نوشهروفيروز ۽ شھيد بينظير آباد ضلعن جي پوليس مورو لڳ نوان جتوئي جي ڳوٺ احمد ڪورائي تي چڙھائي ڪئي، جڏھن ته ليڊيز پوليس پڻ گهرن ۾ گهڙي تلاشي ورتي، ھوڏانهن سياسي سماجي تنظيمن انتقامي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي.

 23 مارچ 1940ع تي منٽو پارڪ (موجوده علامه اقبال پارڪ) لاهور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ پنهنجي اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو هو، جنهن کي ‘قرارداد پاڪستان’ جو نالو ڏنو وڃي ٿو. ان واقعي جي ياد ۾ هر سال اسان 23 مارچ تي ‘يوم پاڪستان’ ملهايون ٿا پر ان واقعي کان ٺيڪ 9 سال اڳ 23 مارچ 1931ع تي هڪ وڏو واقعو رونما ٿيو هو. جيڪڏهن اهو واقعو نه ٿئي ها ته اڄ ننڍي کنڊ پاڪ- هند جي تاريخ مختلف هجي ها. جيڪڏهن اسان پاڪستاني 23 مارچ 1931ع جي مناسبت سان به اهو ڏينهن ملهائڻ شروع ڪريون ته اسان پنهنجي شرمناڪ تاريخ جا داغ ڌوئي پنهنجو مستقبل بهتر بڻائي سگهون ٿا ۽ ايندڙ نسلن کي شرمندگيءَ بدران فخر جو احساس ڏيئي سگهون ٿا.

                 23 مارچ 1931ع تي لاهور جي ئي هڪ جيل ۾ عظيم آزادي پسند اڳواڻ امر ڀڳت سنگهه ۽ ان جي ساٿين کي ڦاسي ڏني وئي هئي. ڀڳت سنگهه ۽ ان جي ساٿين کي جڏهن ڦاسيءَ جي تختي تي نيو پئي ويو ته اهي “انقلاب زنده باد” جا نعرا هڻي رهيا هئا ۽ جيل جا سمورا قيدي انهن نعرن جو جواب ڏيئي رهيا هئا. ڀڳت سنگهه کي جڏهن ڦاسي ڏني وئي ته ان وقت سندس عمر صرف 23 سال هئي. ان عمر ۾ هو صرف قيدين ۾ ئي نه پر سڄي ننڍي کنڊ جو مقبول ليڊر هو. تاج برطانيا کي اهو محسوس ٿي ويو هو ته هندستان جي هر ماءُ پنهنجي ٻار کي ڀڳت سنگهه بنائڻ چاهي ٿي. انگريزن ۽ انهن جي مقامي ڪارندن اهو پڻ اندازو لڳائي ورتو هو ته ڀڳت سنگهه وڌيڪ وقت زنده رهيو ته پوءِ ننڍو کنڊ حقيقي آزادي ۽ انقلاب جي راهن تي هلي پوندو ۽ آزاديءَ کانپوءِ هي خطو سامراجي طاقتن جي ڪنٽرول مان نڪري ويندو. جديد بيٺڪيتي حڪمرانن کي ايتري قدر ڊپ هو جو انهن ڊيٿ وارنٽ تي درج ٿيل تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ شهيد ڀڳت سنگهه ۽ ان جي ساٿين کي ڦاسي ڏيئي ڇڏي. ڊيٿ وارنٽ تي 24 مارچ جي تاريخ لکيل هئي.

امر ڀڳت سنگهه کي ڦاسي نه اچي ها ته ننڍي کنڊ هندستان جي پوءِ واري سياسي تاريخ ڇا هجي ها؟ ان سوال جو جواب ڏيڻ کان اڳ ۾ اڄوڪي نوجوان نسل کي اها ڄاڻ هجڻ گهرجي ته ڀڳت سنگهه ڪير هو؟ امر ڀڳت سنگهه جو تعلق پنجاب جي ضلعي لائلپور (موجوده فيصل آباد) جي تعلقي جڙانوالا جي هڪ ننڍڙي شهر بنگا جي ڳوٺ چڪ نمبر 105 سان هو. ان جو قبيلو “سنڌو جاٽ” سڏرائيندو هو ۽ ان جي قبيلي جي ماڻهن وطن جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ نه صرف حصو ورتو پر قربانيون پڻ ڏنائون. ڀڳت سنگهه ننڍپڻ کان ئي انقلابي سوچ رکندو هو. اهو ننڍپڻ کان ئي آزادي پسند ۽ انقلابي ماڻهن جي صحبت ۾ اچي ويو هو ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو هو. 1919ع ۾ جڏهن جليانوالا باغ ۾ برطانوي سرڪار جي حڪم تي هٿين خالي ماڻهن تي گوليون هلائي سوين ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو ته ان وقت ڀڳت سنگهه جي عمر صرف 12 سال هئي. هو ان واقعي جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ جليانوالا باغ پهچي ويو. ان وقت به لاش اتي پيل هئا. ڀڳت سنگهه جڏهن 14 سالن جو هو ته 20 فيبروري 1921ع تي گردوارا ننڪانه صاحب ۾ برطانوي حڪومت جي حڪم تي قتل عام ٿيو. اتي جي يتيم ٻارن ۽ بيواهن ڀڳت سنگهه جي ڳوٺ ۾ پناهه ورتي. ڀڳت سنگهه انهن ٻارن ۽ بيواهن جي غمگين چهرن کي ڏسي تمام گهڻو ڏکارو ٿيندو هو. هن پنهنجي انقلابي سوچ ۾ وڌيڪ نکار آڻڻ لاءِ تاريخ، فلسفي ۽ سياست جو ننڍي عمر ۾ تمام گهڻو اڀياس ڪيو. هن پهرين “نوجوان ڀارت سڀا” ۽ پوءِ “هندستان سوشلسٽ ري پبليڪن ايسوسئيشن” ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن وطن جي آزاديءَ لاءِ سياسي جدوجهد سان گڏوگڏ هٿياربند جدوجهد جو پڻ رستو اختيار ڪيو. برطانوي حڪومت هندستان لاءِ هڪ سائمن ڪميشن جوڙي هئي پر ان ۾ هندستان کي نمائندگي نه ڏني وئي هئي. ان ڪميشن جي خلاف سڄي هندستان ۾ احتجاج شروع ٿي ويو. هڪ مظاهري ۾ آزادي پسند سياسي اڳواڻ لالا لجپت راءِ زخمي ٿي پيو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هو گذاري ويو. اها ڳالهه ڀڳت سنگهه کان برداشت نه ٿي سگهي ۽ هن لالا لجپت راءِ جي موت جو بدلو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. هڪ ڏينهن هن پنهنجي ساٿين سميت هڪ انگريز آفيسر جي حملو ڪيو ۽ سڃاڻپ جي غلطيءَ جي ڪري هڪ ٻيو انگريز آفيسر ڊي ايس پي سانڊرس (Saunders) مارجي ويو. حقيقت ۾ انهن ايس پي اسڪاٽ کي مارڻ ٿي چاهيو، جنهن احتجاج ڪندڙن تي گولي هلائڻ جو حڪم ڏنو هو. ڀڳت سنگهه ۽ ان جا ساٿي وڏين مشڪلاتن کانپوءِ گرفتار ٿيا. گرفتاريءَ کان اڳ ۾ اهي هندستان جي ماڻهن جا سورما بڻجي چڪا هئا. انگريز سرڪار انهن کي موت جي سزا ڏيڻ لاءِ “لاهور سازش ڪيس آرڊيننس” جاري ڪيو ۽ 24 مارچ بدران انهن کي 23 مارچ 1931ع تي ڦاسي ڏني وئي.

جيڪڏهن ڀڳت سنگهه زنده رهي ها ته شايد انڊين ڪانگريس ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي سياسي پوزيشن تمام گهڻي ڪمزور هجي ها ۽ ننڍي کنڍ پاڪ- هند جي تاريخ مختلف هجي ها. ڀڳت سنگهه ۽ ان جي ساٿين جو “حقيقي آزادي لاءِ سوشلسٽ انقلاب” جو نعرو هو، جيڪو ماڻهن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿي ويو هو. امر ڀڳت سنگهه چوندو هو ته، “جيڪڏهن آزاديءَ جو اهو رستو اختيار نه ڪيو ويو ته گورن انگريزن جي جاءِ تي ڪارا انگريز (مقامي حڪمران طبقو) هتي جي ماڻهن سان بک، بيماري، ذلت، خواري، باهه  ۽ رت جي اهڙي راند کيڏندا، جنهن سان انسانيت لڄي ٿيندي. امر ڀڳت سنگهه ۽ ان جي ساٿين موت جي سزا جي خلاف معافي جي اپيل به نه ڪئي ۽ چيو ته اسان انقلاب جي علامت کي داغدار ٿيڻ نه ڏينداسين.

جيڪڏهن 23 مارچ 1931ع تي ڀڳت سنگهه کي شهيد نه ڪيو وڃي ها ته اهو مقبول اڳواڻ طور ننڍي کنڊ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري ها ۽ آزاديءَ کانپوءِ ڪارن انگريزن، يعني مقامي وڏيرن، جاگيردارن، پيرن، سرمائيدارن ۽ نسل پرست گروهن جو راڄ قائم نه ٿي سگهي ها. تاريخ واقعي ئي مختلف هجي ها، پر اڄ به 23 مارچ تي “يوم پاڪستان” سان گڏوگڏ “يوم ڀڳت سنگهه” طور تي به قومي سطح تي ملهايون ۽ نوجوان نسل کي پنهنجي ڌرتيءَ جي عظيم فرزند جي فڪر سان واقف ڪرايون ته اسان اڄ به ڪارن انگريزن، انگريزن جي وارث اسٽيبلشمينٽ، جاگيردارن، سرمائيدارن، رجعت پسندن، دهشتگردن ۽ نسل پرستن جي قبضي مان نجات حاصل ڪري سگهون ٿا. امر ڀڳت سنگهه هر دور جي انهن ماڻهن جو رهبر آهي، جيڪي انصاف ۽ برابريءَ تي ٻڌل سماج  قائم ڪرڻ ۽ حقيقي  آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.