ڪنري (ن پ ا) ڪنري ويجھو ٻسٽان جي ڳوٺ حاجي امين آرائين ۾ ڪولهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيھڙو ٿي پيو، جيھڙي دوران ڪھاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب ٽه ڄڻا شريمتي لڇمي ڪولهي، عالم ۽ الجي ڪولهي زخمي ٿي پيا. زخمين کي پوليس علاج لاءِ ليٽر ڏئي اسپتال روانو ڪري ڇڏيو. جنھن بعد زخمين اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ھوڏانھن متاثر زخمين الزام ھنيو ته اسان ٻنيءَ تي ويل هئاسين. پويان هيرو ڪولهي اسان جي گهر گھڙي اسان جي ڇوڪري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي، رڙين جي ڇڏائڻ وياسين ته هيرو ۽ راجڪمار حملو ڪري تشدد ڪيو، انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي واقعي ۾ ڌرين ۾ تڪرار جاري آھي. تاحال ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آھي.