سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ ھنداڻو مهانگو، 200 روپين تائين في ڪلو وڪرو، تفصيل موجب ھنداڻو مارڪيٽ ۾ اچڻ شرط ئي بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳو آھي، گذريل سال رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ ھنداڻو مارڪيٽ ۾ پھچڻ بعد في ڪلو 100 روپين تائين وڪرو ٿيو هو ھن ڀيري في ڪلو 200 روپيا وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنھن حساب سان ھنداڻي جو 5 کان 6 ڪلو وارو داڻو 1000 يا اُن کان به وڌيڪ رقم ۾ ملي رهيو آهي، شھرين مطابق هنداڻي جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، جنهن ڪري رڳو سرندي وارا ئي اهو خريد ڪري سگهن ٿا، شھرين مطابق فروٽ کان وٺي رمضان جي مھيني ۾ ھر کاڌ خوراڪ جي شين ۾ ھٿرادو اضافو ڪيو ويندو آھي، جڏهن ته انتظاميا ڪو به قدم ناهي کڻندي، جنهن ڪري روزيدار ٻنهي هٿن سان ڦرجندا رهندا آهن.