محرم، ماسي مهربانو ۽ منهنجو ننڍپڻ

0
168
محرم، ماسي مهربانو

اباڻو شهر لاڙڪاڻو،منهنجي پاڙي جون گهٽيون،۽ وچ پاڙي ۾ منهنجو حويلي نما خانداني گهر “لکپت ڀون”. محرم اچڻ سان ئي گهر جي وڏي چائنٺ سان گڏ سموري پاڙي جا ٻارڙا سبيل سجائيندا هئا.ڪروڙ پتي  واپاري مرلي ڌر هجي يا منگراج،انگريز نما آغا صاحب هجي يا ڪرياني جي  دڪان وارو مستو ڀائي، جنهن کي اسان سڀ ڪنجوس مکي چوس چونداهئاسين.سڀ ئي چندو ڏيندا هئا.پاڙي جي ماسي مهر بانو جيڪا سڄو سال ٻارن کي راند روند تي دڙڪا ڏيندي هئي،اها اسان جي سبيل لاءِ ٿانون جو بندوبست ڪندي هئي.مجلس ۾ ايندي ويندي سبيل تي وقت گذاريندي هئي.عزادارن لاءِ پاڻي ۽ شربت اوتيندي هئي.ماسي مهربانو پاڙي جي ٻارن مان مونسان پيار سان پيش ايندي هئي.هن جو ڪو اولاد نه هو.اوڙي پاڙي جي وڏين پوڙهين کي اهي چوندي ٻڌنداهئاسين ته “ ڏسو جيئن مهربانو جي گهر ۾ ڄمن جو وڻ بنا ڦل جي رهندو آهي ايئن ئي هن جي جهولي نه ٿي ڀرجي”

مونکي اهي جملا نه وڻندا هئا.ايتري ته سمجهه اسان کي به هئي .سو ماسي مهربانو سان هڪ ناتو جوڙيو.

هر سال محرم جي ڏينهن ۾ ايئن سمجهو ته منهنجي ڊيوٽي هوندي هئي ته مان هن جي ٻانهن جهلي پاڙي مان گذرندڙ جلوسن ۾ تعزيه ۽ يوم عاشور تي ذوالجناح جي ويجهو پهچايان. هو عقيدت مان هٿ ڦيريندي ۽ باس باسيندي هئي.شهر جا اڪثر جلوس اسان جي پاڙي مان گذرندا هئا.حضرت اضغر  جو جهولو هجي يا حضرت قاسم جي ميندي،يا حضرت عباس جو الم،هر شام پاڙي جون عورتون ۽ ڇوڪريون اسان جي گهر اينديون هيون ۽ گهر جي بالڪونين ۽ وڏين وڏين کڙڪين مان عزادارن کي انهن جلوسن ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ياد ڪندي عقيدت سان ڏسنديون هيون.

لکنو مان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهندڙ جعفري ۽ نقوي خاندانن جي سربراهي ۾ نڪرندڙ جلوس،ٺيٺ لکنو واري اردو زبان ۾ نوحه خواني ٿيندي هئي. ايران جي فارسي بان سونارن جو جلوس ،ڪلهن تي تعزيه ،انتهائي نفيس مينا ڪاري پر ماپ ۾ ٿورا ننڍا،چيو ويندو هو ته نج سون جا آهن.

سنين جا جلوس.عاشوري واري ڏينهن خادم حسين شاهه جي امام بارگاهه کان جلوس ايندو هو.

سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ نوحه خواني ٿيندي هئي .هٿ گاڏي تي وڏو دهل هوندو هوجنهن کي هڪ شخص زور زرو سان وڄائيندو هو.پويان پويان دهل جي تال تي هر ملنگ قمه جو ماتم ڪندو هو.

شام ٿيندي هئي ته قافله سراءِ تي رهندڙ طوائفن جو جلوس ايندو هو .اهو جلوس اسان جي گهر مان ڪجهه فاصلي تي هوندو هو. پاڪستان چوڪ تي بيهندو هو. سج لهڻ کان اڳ زنجيرن جو ماتم ٿيندو هو،ڏسڻ لاءِ پاڙي جي نوجوانن جون ٽوليون به هونديون هيون.محرم جي ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿر مان هندو برادري جا نوحه خوان گهرايا ويندا هئاجيڪي مجلسن ۾ نوحه خواني ڪندا هئا ۽ ڪربلا جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندا هئا. چاهي هندو هجن يا مسلمان، سني هجن يا شيعه، مقامي سنڌي هجن يا اردو ڳالهائڻ وارا مهاجر، مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري ۾ رهندا هئا. هولي هجي يا ڏياري يا پوءِ محرم هجي يا رمضان ۽ عيد، نه رڳو احترام هوندو هو بلڪه پنهنجي پنهنجي وجود جي احساسن کي ٻين جي ڏينهن ۽ عقيدن جي روايتن ۾ احترام شامل ڪندا هئا.

سنڌ جي تاريخ تي سٺ جي ڏهاڪي ۾ خيرپور جي فرقيواراڻي خوني تڪرار جون ڦينگون ته موجود هيون پر ننڍپڻ جي يادن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ناچاقين کان علاوه هڪٻئي لاءِ احترام ئي موجود هوندو هو.

محرم جي جلوسن ۾ نه سيڪيورٽي، نه ڪنهن خدشي جو خوف.

هر جلوس سان گڏ منتظمين جي نگراني هيٺ اسڪائوٽس جا تربيت يافته نوجوان ڇوڪرن جا ٽولا ڊسيپلين برقرار رکڻ لاءِ موجود هوندا هئا.نه رينجرز،نه پوليس ،نه فوجي جٿا.

انهن ئي يادن سان جڏهن مان ڪراچي آيس ته اسي جو ڏهاڪو هو.جنرل ضياءَ جو دور هو.پاڙي واري ملڪ ايران ۾ امام خميني انقلاب آڻي چڪو هو.جنرل ضياءَ پاڪستان کي آمريڪا جي چوڻ تي افغانستان جي جنگ ۾ ڌڪي چڪو هو.

فرقيواراڻا گروهه جنم وٺي چڪا  هئا.ايران سعودي عرب جي پراڪسي وار جي شدت جي گرمي اسان سڀ محسوس ڪري رهيا هئاسين.

ياد ٿو اچي نوي جي ڏهاڪي ۾ فرقيواراڻي ڇڪتاڻ جي ماحول ۾ ڪراچي جي گلبهار جي علائقي ۾ رپورٽنگ لاءِ وڃڻ ٿيو. ٻٽ ٻڌل هٿياربندن گهيرو ڪري ورتو.هڪ ڄڻي پستول جي نالي جو منهن مون ڏانهن ڪيو. قسمت هئي جو انهن هٿياربند ماڻهن مان هڪ نوجوان جو تعلق ايم ڪيو ايم سان نڪتو، ڪٿي ملاقات ٿي هوندي،سڃاڻپ جي ڪري جان بچي وئي . چيائين ، “اويس ڀائي ڇو پنهنجي حياتي جي پٺيان پيو آهين،محرم آهي ،جهيڙا آهن ۽ اوهان ڪارا ڪپڙا پائي نڪري پيا آهيو ،چريا ٿي ويا آهيو ڇا”

هر پاسي پوليس ۽ رينجرز جو گهيرو .علائقي مان نڪتس ته انهي احساس ڌوڏي ڇڏيو. انتها پسندي ۽ عدم برداشت انهي حد تائين.! انهي شهر ۾ شيعه سني ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ وڪيل ۽ ڊاڪٽرن جون حياتيون کسيون ويون.سال گذرندا ويا،نائين اليون کانپوءِ پاڪستاني طالبان کي افغان طالبان وانگر انتها پسند نظام کي معاشري تي مڙهڻ جي ڪوشش .وزيرستان مان پشاور،لاهور ۽ ڪراچي کان ڪوئيٽا تائين ڌماڪا.

دهشتگردي فرقيواريت ۾ بارود جو ميلاپ. دل ڌوڏيندڙ منظر .ڪراچي ۾ عاشوره ،هزارن جو جلوس ڌماڪا،رت ۾ ٻڏل لاش ،بارود جي دونهين سان ٺهندڙ بادل.هوڏانهن ڪوئيٽا جون يخ ٿڌيون راتيون ،هزاره برادري جون عورتون ۽ ٻار، جنازن سان سراپا احتجاج .ڳوڙها ڄڻ ته وجود سان ڳنڍجي ويا هجن. ذهن مان کوٽيو ته به يادن مان نه مٽجندڙ منظر .

ڪجهه گذريل سالن ۾ وڏو سانحو ته نه ٿيو آهي پر هاڻي محرم ايندو آهي ته اعصابي ڇڪ جا گهيرا اوهان جي چوڌاري دائرا ٺاهي وٺندا آهن.

پوليس ،رينجرس جي سيڪيورٽي جا گهيرا ،پوءِ هن سال يوم عاشور ،منهنجي ننڍپڻ جي يادن جي منظرن جو ذهن تي ڦرڻ، منهنجي اباڻي گهر لکپت ڀون جي چائنٺ تي سجايل سبيل، پاڙي مان مختلف جلوسن جو گذرڻ، ماسي مهربانو،پر يادون ڌنڌلائجي ڇو ويون آهن.شايد تاريخ جي تلخ تبديلين منهنجي ننڍپڻ جي يادن کي قيد ڪري ڇڏيو آهي.