ڪراچي يونيورسٽي ۾ احتجاج ڪندڙ سنڌي شاگردن تي حملو:ڪيترائي زخمي: ڇڪتاڻ

0
295
ڪراچي يونيورسٽي ۾ احتجاج
ڪراچي يونيورسٽي ۾ احتجاج ڪندڙ سنڌي شاگردن تي حملو:ڪيترائي زخمي: ڇڪتاڻ

ڪراچي يونيورسٽي ۾ اسٽينڊ ڊاهڻ خلاف سنڌي شاگرد احتجاج ڪري رهيا هئا ته مٿن هڪ ٻي شاگرد تنظيم جي شاگردن حملو ڪري ڪيترن ئي سنڌي شاگردن کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، زخمين مان اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته واقعي کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽي جنگ جو ميدان بڻيل آهي

احتجاج ۾ شامل سنڌي شاگردن ٻڌايو آهي ته اسان يونيورسٽي انتظاميا خلاف احتجاج  ڪري رهيا هئاسين ته ڪجهه شرپسند حملو ڪري مظاهرين کي زخمي ڪيو

شاگردن الزام هنيو آهي ته اسان تي جماعت اسلامي جي شاگردن حملو ڪيو، اسان جو يونيورسٽي اندر اسٽينڊ به جماعت اسلامي جي شاگردن ڊاٿو آهي

زخمي شاگردن ٻڌايو ته جڏهن شرپسند اسان مٿان حملو ڪيو ته اُتي موجود پوليس اهلڪار اسان کي بچائن بدران تماشو ڏسندا رهيا

ھي به پڙھندا

ايس ايس پي گهوٽڪي جي آپريشن جي اعلان جو رد عمل: ڌاڙيلن ٻن مغوين جي وڊيوز جاري ڪري ڇڏي