سوشل ميڊيا تي ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ فٽبال رانديگرياڻي جمنا ڀيل ۽ ديوي ميگهواڙ جي ساراهه ٿي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آهي ته ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ فٽبال رانديگرياڻي جمنا ڀيل ۽ ديوي ميگهواڙ جي آمريڪي فوٽبال ڪلب لاءِ سليڪشن ٿي آهي، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو ته 2019ع ۾ چين ۾ نوجوانن جي منعقد ٿيل فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ پڻ ديوي ميگهواڙ ۽ جمنا ڀيل حصو ورتو هو، هاڻ آمريڪي فٽبال ڪلب ۾ کيڏڻ وڃن پيون. خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿر سان تعلق رکندڙ ٻنهي نياڻين کي ٿر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عالمي ٽورنامينٽن ۾ حصو وٺڻ جو اعزاز حاصل آهي ۽ ٻئي نياڻيون، سنڌ سميت پوري ملڪ جو فخر آهن.