سنڌ ۾ اهو سڀڪجهه اتفاقي آهي يا ڪير ڄاڻي واڻي مختلف باهيون ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي ان جو نقصان رڳو سنڌ ۽ سنڌ جي رهواسين کي ئي آهي،امن ،آشتي ،محبت ۽ صوفين جي سڏجندڙ سنڌ ڪجهه وقت کان پنهنجي انهي تعارف جي بلڪل ابتڙ نظر اچي رهي آهي ،معصوم ٻارن سان اجتماعي زيادتين جي ڪيسن کان وٺي انهن جي قتل تائين،مذهبي منافرت کان پاڪ روادار معاشري جا درس ڏيندڙ سنڌ ۾ مذهبي باهه ڀڙڪائڻ جي سازش ته وري قبائلي دشمني جي آڙ ۾ بيگناهن جي رت سان راند کيڏڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.
قبائلي جهيڙن جي باهه کي سنڌ ماضي ۾ ڀوڳي چڪي آهي جنهن ڪري نه رڳو ڪيتريون انساني حياتيون کسجي ويون پر سنڌ جي زراعت ،معيشت ،ڪاروبار ۽ تعليم جا شعبا به سخت متاثر ٿيا، جنهن جو ازالو اڃان تائين مڪمل طرح نه ٿي سگهيو آهي، ذري گهٽ هڪڙو پورو نسل انهي باهه جو ٻارڻ بڻجي چڪو آهي. گهڻي وقت کان سنڌ سياسي سماجي ۽ انتظامي ڪوششن کانپوءِ انهي بلا مان پنهنجي جان آجي ڪرائي سک جو ساهه کڻي رهي هئي ته اوچتو ئي اوچتو وري ڪجهه اهڙا واقعا ٿيا اهن جن انهي جهيڙن جو اڳ ۾ شڪار ٿيل سنڌ کي ڇرڪائي وڌو آهي. انهن قبائلي ۽ ذات برادري جي نالي تي ٿيندڙ جهيڙن جو اثر انهن علائقن ۾ رهيو آهي جنهن کي عرف عام ۾ اتر سنڌ سڏيو وڃي ٿو،انهي علائقي جا ٻيلا يا ته ڌاڙيلن جون پناهه گاهه بڻيل هونديون آهن يا وري انهن قبائلي جهيڙن جي باهه کي ڀڙڪائيندر هٿياربندن جي آماجگاهه. ڪجهه ڏينهن اڳ شڪارپور ضلعي جي رستم واري ڪچي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين جي تڪرار ۽ خوني ويڙهه ۾ 5 ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا هئا،سنڌ انهي ڇرڪ مان نڪتي ئي نه هئي ته ڪالهه وري جيڪب آباد ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ ڪٽوهر ۽ جلباڻي برادرين جي ٻن ڌرن ۾ ويڙهه سبب 8 ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن جنهن ۾ معصوم ٻار به شامل آهن، قبائلي جهيڙا اهو انڌ آهي جنهن ۾ ڪو بيگناهه،ڪو معصوم نظر نه ٿو اچي بس رڳو ذات جي سڃاڻپ ڪري هٿياربند ڪنهن جي حياتي کسڻ کان نه ٿا ڪيٻائين.سنڌ کي هن وقت جيڪي خطرا آهن انهن مان اهو وڏو خطرو آهي ته جيڪڏهن انهي ويڙهه کي اتي روڪڻ جون ڪوششون نه ٿيون ته اها باهه جيڪا هاڻي هڪڙن ضلعن جي ڪجهه علائقن کان شروع ٿي آهي اها سڄي سنڌ کي وڪوڙي ويندي.اهي جهيڙا جڏهن شروع ٿين ٿا ته ان جو نقصان رڳو ان جهيڙي ۾ آيل برادرين يا ذات تائين نه ٿو محدود رهي پر اهي جهيڙا سڄي علائقي ۽ ضلعن جي زندگي مفلوج ڪري ٿا ڇڏين،انهن جهيڙن سان تعليم ،زراعت ،ڪاروبار ۽ واپار به تباهه ٿي ٿا وڃن.اهي جهيڙا ڪجهه مخصوص مفاد کندر عنصرن کي فائدو پهچائين ٿا جيڪي انهن جهيڙن کي وڌائڻ جون ڪوشسون ڪندا رهن ٿا.
اسان سمجهون ٿا ته هن وقت قانون ۽ انتظاميا کي تڪڙو حرڪت ۾ اچڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ماضي شاهد رهيو آهي ته انهن جهيڙن جي وڏن سببن مان انتظاميا جي لاپرواهي ۽ قانوني جي ڪمزوري به وڏو سبب رهيا آهن،برادين جي چڳن مڙسن کي به هن ئي وقت اک پٽڻ گهرجي ته اهي جهيڙا ڪنهن جي فائدي ۾ ناهن جڏهن اها باهه وڌندي ته پوءِ هر ڪنهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي تنهن ڪري انهي کي هن وقت روڪڻ لاءِ انتظاميا ۽ خير گهرندڙ ماڻهن سان سهڪار ڪرڻ گهرجي، اول ۽ آخر ذميواري انهي چونڊيل حڪومت جي آهي تنهن ڪري پنهنجي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ قانون تي عمل ڪرائڻ انهي جي ذميوا ري آهي جيڪو به قانون کي پنهنجي هٿن ۾ کڻي ٿو حڪومت انهي خلاف هڪدم قانون ۽ انتظاميا کي حرڪت ۾ آڻي نه ته اها باهه گهڻو ڪجهه ساڙي ڇڏيندي.